دريا خان مري ۾ معصوم نينگري ڇت تان ڪري فوت

درياخان مري (ن ع آ) دريا خان مري جي وارڊ نمبر ھڪ جي ڪچي بستي واري علائقي ۾ راند ڪندي 4 ورهين  معصوم نينگري فزا ڌيءُ احمد  علي ملڪ ڇت تان ڪري سخت زخمي ٿي پئي، زخمي نينگري کي علاج لاءِ نواب شاهه اسپتال نيو پئي ويو ته نينگري رستي ۾ ئي فوت ٿي وئي، معصوم نينگري جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، مڙهه آلين اکين سان مراد شاهه قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.