جوهي ۾ بدامني خلاف شهري توا کڻي روڊن تي نڪري آيا، ڌرڻو

جوهي ( رپورٽ ايم اسماعيل پيرزادو  ) جوهي شهر ۽ آسپاس تيزي سان وڌندڙ بدامني خلاف سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين پاران هٿن ۾ توا کڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو، وڏي تعداد ۾ مظاهرين  عنايت علي رند ، نانو عرس رند، ڪامريڊ  يونس سولنگي ،  ايوب لغاري، منظور ٻٻر ، قربان کوکر ،غلام قادر لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بلاول پارڪ کان هٿن ۾  توا ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ فاضل چونڪ وٽ ٽائرن کي باهيون ڏنيون، ان موقعي تي مظاهرين چيو ته جوهي شهر مان امن جو پکي مڪمل طور تي اڏامي ويو آهي، ڪوبه روڊ رستو محفوظ ناهي، موٽرسائيڪل ڦُر ۽ چورين جا واقعا معمول بڻجي ويا آهن جنهن ڪري شهري پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا آهن، هنن چيو ته جوهي پوليس ڏوهارين سان ٻٽ بڻيل آهي، شهر اندر هلندڙ جوا ، منشيات سبب ڏوهن ۾ اضافو ٿي ويو آهي، مظاهرين موجب ايس ايڇ او جوهي ۽ ايس ايس پي دادو امن امان تي ڪنٽرول ڪرائڻ بدران ڏوهارين کي کليل ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي کين  فوري طور تي هٽائي امن امان جي صورتحال بهتر بڻائي شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.