بلوچستان مان کنڀيلن جي آزادي لاءِ ڪراچي ۾ ڪئمپ قائم

ڪراچي(رپورٽر ) بلوچستان مان کنڀي گم ڪيل نوجوان جميل بلوچ ۽ نجيب بلوچ جي بازيابي لاءِ اسما بلوچ جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان بک هڙتالي ڪئمپ قائم، ان موقعي تي وهاب بلوچ، اسما بلوچ ۽ گم ٿيل نوجوان نجيب بلوچ جي ڀيڻ چيو ته اسان جي نوجوانن ڀائرن کي بي گناهه کنڀي گم ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پنهنجي والد جي بازيابي لاءِ گذريل 8 سالن کان احتجاج ڪندي رهي آهيان، منهنجي بابا جميل رحمت کي 8 سال پهريان منهنجي اکين اڳيان کنڀي کڻي ويا هئا، هڪ مهينو اڳ منهنجو ڀاءُ نجيب بلوچ کي پنجگور کان ڪراچي ايندي رستي مان تحويل ورتو ويو، هن وقت تائين لاپتا آهي، اڳ بلوچستا جي گادي واري شهر ڪوئيٽا ۽ اڄ ڪراچي پريس ڪلب تي اهو ٻڌائڻ آيا آهيون ته اسان جي خاندان کي ظلم جو شڪار بڻايو ويو آهي، اسما بلوچ چيو ته منهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ تي جيڪڏهن ڏوهه ثابت آهي ته انهن کي قانوني طريقي سان سزا ڏني وڃي، پر اهڙي طرح کنڀي گم ڪرڻ غيرقانوني ۽ غيرانساني عمل آهي،هن چيو ته جيستائين منهنجي بابا ۽ ڀاءُ کي آزاد نه ظاهر نه ڪيو احتجاج تحريڪ جاري رهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.