مڪاني ادارن وارو وزيرناصر شاهه دوري تي مٺي پهتو،اسڪيمن جو جائزو ورتو

مٺي. وزير بلديات ۽ پبلڪ هيلٿ انجئينرنگ سيد ناصر حسين شاهه هڪ ڏينهن جي دوري تي مٺي پهتو، ۽ واٽر سپلاءِ سميت مختلف اسڪيمن جو جائزو ورتو ، ان موقعي تي ڳالهائيندي ۽ هدايتون ڏيندي هن چيو ته پاڻي سپلاءِ جي ريوائزڊ لائن اسڪيم تي ڪم ڪيو وڃي.نيون اسڪيمون به شروع ڪيون وڃن پر جيڪي پراڻيون اسڪيمن آهن انهن کي به فعال ڪيو وڃي. سيد ناصر حسين شاهه جو چوڻ هو ته لاڳاپيل آفيسر يا جيڪي ڪم جا معاهده آهن اهي ٻڌايا وڃن.سڀئي معاملن جي هو پاڻ نگراني ڪندو،عملي گھٽ هجڻ جون شڪايتون آهن انهن کي به حل ڪيو وڃي. هن چيو ته جيڪي پلانٽ نٿا هلن انهن جي فوري بحالي لاء قدم کنيا وڃن. ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي هو برداشت نه ڪندو، هن کي ڪارڪردگي گهرجي. هن ڊپٽي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته سموري ڪم جي پاڻ نگراني ڪري، هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي خصوصي هدايت آهي ته مٺي ۽ اسلام ڪوٽ ۾ پاڻي فراهم ڪرڻو آهي، ناصر شاهه ٻڌايو ته ٿرپارڪر ضلعي لاء سولر اسڪيمون 10آهن جن مان 5 اسڪيمن تي ڪم هلندڙ آهي. ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ ڊي سي ٿرپارڪر محمد نواز سوھو ضلع ٿرپارڪر بابت بريفنگ ڏني ۽ پبلڪ ھيلٿ ڊپارٽمينٽ جي لاڳاپيل عملدارن پڻ پنهنجي اداري بابت بريفنگ ڏني.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.