ٽيڪس وصولي معاملو: مرتضيٰ وهاب پي ٽي وي لائسنس تي سوال اٿاري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته شهري ڏسن ڪير روڊن تي گهمي رهيو آهي ۽ ڪير ڪريڊٽ کڻي رهيو آهي، ڪريڊٽ کڻندڙ اهو به سوچين ته برسات سان لاهور جو ڪهڙو حشر ٿيو.

قائداعظم جي مزار تي حاضري کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته اسان جي ادارن برساتن دوران ڪم ڪيو، وسيم اختر چئي ٿو سنڌ حڪومت ڪي ايم سي تي قابض ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ماضي ۾ به ڪي ايم سي ٽيڪس ورتا پر انهن پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيا.

هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪجهه ناهي ڏيندي ۽ هاڻ ڪي ايم سي قانون تحت ٽيڪس وٺي رهي آهي، هاڻ ڪو ميئر ايندو ته ڪم ڪرڻ لاءِ ڪي ايم سي جي اڪائونٽ ۾ پئسا هوندا.

سندس چوڻ هو سنڌ جي گورنر کان پڇڻ چاهيان ٿو ته پي ٽي وي لائسنس جي فيس ڪي اليڪٽرڪ ذريعي جمع ڇو ٿيندي آهي؟ ڪهڙو سبب آهي جو ڪي اليڪٽرڪ ڪي ايم سي لاءِ ٽيڪس گڏ نٿي ڪري سگهي؟ ٽيڪس ڪي ايم سي جي اڪائونٽ ۾ ويندو، مان ته ايڊمنسٽريٽر آهيان، سڀاڻي هليو ويندو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ وسيم اختر سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو هو ته صوبائي حڪومت ڪنزروينسي ٽيڪس لاءِ پلان جوڙي رهي آهي، ڪي اليڪٽرڪ جي بلن ۾ زبردستي ڪنزروينسي ٽيڪس لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيستائين ڪراچي جون حالتون بهتر نه ٿيون ٿين عوام ٽيڪس نه ڏيندو، عوام کان ٽيڪس وٺڻ جي فيصلي خلاف عدالت وينداسين ۽ روڊن تي به نڪرنداسين.

هن هڪ ڀيرو ٻيهر ڏکڻ سنڌ صوبي ۽ ڌار سيڪريٽريٽ جو مطالبو ڪندي چيو هو ته ڪرپشن جي انتها ٿي چڪي آهي، چيف جسٽس آف پاڪستان، صدر، وزيراعظم ۽ آرمي چيف ڪراچي سان ٿيندڙ زيادتين جو نوٽيس وٺن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.