ٺارو شورو قتل ڪيس : جاچ آفيسر کي مڪمل رڪارڊ سان پيش ٿيڻ جو حڪم

حيدرآباد(اي پي پي) سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٺارو شورو قتل ڪيس جي ٻُڌڻي ٿي. عدالت جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻُڌڻيءَ تي مڪمل  رڪارڊ سان گڏ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻُڌڻي 20 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ بينچ ۾ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو آڏو ٺارو شورو قتل ڪيس جي ٻُڌڻي ٿي جنهن ۾ مقتول جي ٻارڙن ۽ والده کان علاوه فريادي شوڪت شورو پيش ٿيو جڏهن ته ملزمن ۾ سيد رضوان شاهه، سيد شاهه محمود شاهه ۽ سيد شيزان شاهه پيش ٿيا. جڏهن ته هڪ ملزم سيد فرمان شاهه کي ڪورونا ۾ مبتلا هئڻ سبب عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو ان جو ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ پيش ڪيو ويو. عدالت جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻُڌڻي تي مڪمل رڪارڊ سان پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻُڌڻي 20 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ ملزمن جي عارضي ضمانت ۾ پڻ 20 سيپٽمبر تائين واڌ ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.