ماٿيلي ۾ واپاري جي گهر ۾ ڌاڙي جي ڪوشش، مزاحمت تي عورت زخمي، ڌرڻو

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: نصرالله گڏاڻي) ميرپورماٿيلو ۾ پوليس ۽ قانون جي رکوالن جي نااھلي سبب ھندو ديوان برادري مڪمل غيرمحفوظ بڻيل آھي، گذريل ٻن مھينن کان شھر ۾ ڏينھن ڏٺي جو ھندن جي گھرن ۽ دڪانن  ۾ ٿيندڙ ڦرن ۽ ڌاڙن توڙي چورين جا واقعا رڪجي نه سگھيا آھن، ان سلسلي ۾ گذريل ڏينھن منجھند جو وچ شھر جي ٽي روڊ مندر گلي تي قائم المڪه پلازھه ۾ نامعلوم ڦورن ھندو واپاري وڪرم لال جي گھر ۾ گھڙي ڌاڙو ھڻڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي ڦورن خنجر ۽ چاڪن جا وار ڪري گھر ڌياڻي اجنا ٻائي کي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا، جنھن کي خنجر پيٽ ۾ ھنيا ويا،وارثن پاران زخمي عورت کي کڻائي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال داخل ڪيو ويو، اھڙي واقعي بعد سوين ھندو توڙي مسلمان واقع واري ھنڌ گڏ ٿي ويا، جنھن بعد ھندو برادري ۽ ھندو سڄاڳ تحريڪ پاران ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي پھچي احتجاجي مظاھرو ڪري ڏيڍ ڪلاڪ تائين ڌرڻو ھنيو ويو ۽ گھوٽڪي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ڪامريڊ ڪڪو رام، درشن لال، دليپ ڪمار، سري چند،سني ڪمار ۽ ٻين دانھيندي خطاب ڪيو ته پوليس آفيسرن جي نااھلي ۽ ڪرپشن سبب اسين ھندو برادري شھر ۽ گھرن ۾ غيرمحفوظ آھيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.