شادي جي موقعي تي سالَي هٿان گهوٽ قتل

مظفر آباد(ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي علائقي ميرپور ۾ شادي جي موقعي تي ڪنوار جي ڀاءُ گهوٽ کي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب شادي واري ڏينهن گهوٽ جي قتل ٿيڻ وارو واقعو ميرپور جي علائقي منگلا هملٽ ۾ پيش آيو.

پوليس ٻڌايو ته رخصتي وقت ڪنوار جي ڀاءُ جو دوست گهر ۾ داخل ٿيو ته گهوٽ اعتراض ڪيو جنهن تي ڪنوار جي ڀاءُ فائرنگ ڪري ڏني.

فائرنگ جي نتيجي ۾ گهوٽ مارجي ويو ۽ فائرنگ ڪندڙ جوابدار جو دوست زخمي ٿي پيو.

You might also like
1 Comment
  1. رضوان علي جمالي says

    آء نئون آهيان ان ڪري ڪا ٽيڪا ٽپڻي نه ڪري سگهندس

Leave A Reply

Your email address will not be published.