سڪل زردالن جا صحت لاءِ بيشمار فائدا

 

زردالو هڪ اهڙو فروٽ آهي جنهن کي تازو توڙي سڪائي استعمال ڪري سگهجي ٿو اهو عذا سان ڀرپور فروٽ آهي، زردالو پوٽيشيم، آئرن، فائبر ۽ بيٽا ڪروٽين سان مالال هوندو آهي جنهن کي سدائين نظر انداز ڪيو ويندو آهي.

صحت جي ماهرن موجب تازو توڙي خشڪ ٻنهي صورتن ۾ زردالو جو استعمال صحت لاءِ تمام فائديمند آهي جڏهن ته انکي سڪائي محفوظ ڪرڻ جي نتيجي ۾ ان جي غذا ۾ واڌارو ٿي ويندو آهي.

زردالو ۾ وٽامن اي وڏي مقدار ۾ ملندي آهي ان جي ڪري ان جو استعمال ڪمزور نظر کي تيز ڪندو آهي ۽ جلد پوڙهائپ ۽ ذهني ڪمزوري کان حفاظت ملندي آهي.

انکانسواءِ زردالو گوڏن، جوڙن ۽ پُٺن جي سور کان محفوظ رکندا آهن ۽ دل ۽ دماغ کي طاقت ڏيندا آهن.

سڪل زردالو ڪيلشيم هجڻ جي ڪري هڏين جي سٺي صحت لاءِ به ضروري آهي، ڪيلشيم کانسواءِ سڪل زردالو ۾ پوٽاشيم به وڏي مقدار ۾ موجود هوندو آهي.

زردالو کي سڪائي خشڪ ميوو بڻايو ويندو آهي جڏهن ته خشڪ ميوو هجڻ جي ڪري ان ۾ فائبر جو به وڏو مقدار موجود هوندو آهي.

ان سان گڏ سڪل زردالو ۾ ڪيلوريز به تمام گهٽ ملنديون آهن، ان ۾ موجود فائبر هاضمي جي نظام جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ طاقتور بڻائي ڇڏيندو آهي جيڪو وزن گهٽ ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو آهي.

فائبر جو گهڻو مقدار ڪوليسٽرول جي سطح کي به ڪنٽرول ڪندي آهي جنهن جي ڪري دل جي مرضن ۾ مبتلا ٿيڻ جا اڻٽر خطرن ۾ گهٽتائي ايندي آهي، اڌ ڪوپ خشڪ زردالن جو استعمال دل جي ڪيترن کي شڪايتن کي ختم ڪندو آهي ۽ رت جو وهڪرو جاري ساري رکندو آهي.

ماهرن موجب ڪمزور مادي وارا ماڻهو ان کي کاڌو کائڻ کان اڳ ۾ استعمال ڪن ته بدهضمي ۽ پيٽ بابت سموري بيمارين مان شفا ماڻي سگهجي ٿي ۽ خشڪ زردالو قَبضِي کي به ختم ڪندو آهي.

سڪل زردالن ۾ موجود آئرن رت جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي ۽ اينيميا(رت جي کوٽ واري بيماري) خلاف مدافعتي قوت وڌائيندو آهي.

صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته زردالو ۾ موجود اينٽي آڪسيڊنٽس ڪينسر جي خطرن کي به گهٽائيندا آهن.

زردالو جي پوک ۽ ان جو استعمال پاڪستان جي ڏاکڻي علائقن ۾ وڌيڪ ٿيندو آهي، اهو ئي سبب آهي ته جبلن پهاڙن تي رهندڙ ۽ شهري زندگي کان وڌيڪ ڪم ڪار ۽ سخت محنت ڪندڙ ماڻهو وڏي عرصي تائين ڪيترين ئي بيمارين کان پري، صحت مند، چڱا ڀلا، سمارٽ ۽ تازا توانا رهندا آهن.

سڪل زردالو چمڙي مان کي صاف ڪرڻ لاءِ به وڏا فائديمند هوندا آهي، ان سان گڏ سج جي گرمي جي ڪري ٿيندڙ ساڙَي ۽ خارش کي ختم ڪندا آهن.

نه رڳو ايترو پر سڪل زردالو استعمال ڪرڻ سان چهري ۽ چمڙي تي موجود داغن چٽڻ ۽ وٿين جو به مڪمل علاج ممڪن ٿيندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.