سنڌ حڪومت ڪورونا پابندين ۾ نرمي ڪري ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪاروبار جي حوالي سان لاڳو پابندين ۾ نرمي ڪري ڇڏي.

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي بگڙجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي وفاقي حڪومت سان گڏوگڏ سنڌ حڪومت به سخت قدم کنيا هئا.

سنڌ حڪومت طرفان صوبي، خاص طور ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح ۾ واڌ تي ڪاروباري پابنديون هنيون ويون هيون، جن ۾ هاڻ نرمي ڪئي وئي آهي.

سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ جمعي ڏينهن ڪاروبار بند رکڻ جون هدايتون جاري ڪيون هيون، جنهن کانپوءِ هاڻ جمعي ڏينهن به ڪاروبار کولڻ جي اجازت ڏني وئي آهي ۽ اهڙي اجازت کانپوءِ اڄ شهر ۾ مارڪيٽون ۽ دڪان کُلي ويا.

ڪراچي جي زينب مارڪيٽ، گل پلازا، طارق روڊ، حيدري، صدر، بولٽن مارڪيٽ سميت ننڊيون وڏيون ماڪيٽون کلي ويون ۽ ڪاروباري سرگرميون جاري ٿي ويون آهن.

ان حوالي سان ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته واپارين کي جمعي جي ڏينهن مارڪيٽون کولڻ جي لاءِ چئي ڇڏيو آهي، هاڻ هفتي ۾ رڳو آچر جي ڏينهن مارڪيٽون بند رهنديون.

هوڏانهن واپاري اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسان سنڌ حڪومت جا ٿورائتا آهيون، ڪاروبار دوران ايس او پيز جو مڪمل خيال رکنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.