حافظ حمد الله پ پ تي وڏو الزام هڻي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت مخالف اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي ترجمان حافظ حمد الله پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تي تنقيد ڪئي آهي.

پنهنجي بيان ۾ حافظ حمد الله چيو ته اسان سدائين حڪومت جي اپوزيشن ڪئي، اپوزيشن جي اپوزيشن ناهي ڪئي.

بلاول ڀٽي ۽ پيپلز پارٽي جي ٻين اڳواڻن جي بيانن تي پي ڊي ايم ترجمان حافظ حمد الله چيو ته پي ڊي ايم تي تنقيد ڪرڻ ڇا حڪومت ۽ ان جي سهولتڪارن جي سهولتڪاري نه آهي؟

هنن چيو ته سرڪاري پارٽي ۽ باپ پارٽي کان سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊرشپ جا عهدا حاصل ڪرڻ لاءِ ووٽ وٺڻ تي پ پ سوال سوال ڪرڻ ته ٺهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.