ساماري جو اڳوڻو تعلقي ناظم غلام مصطفيٰ خاصخيلي لاڏاڻو ڪري ويو

سامارو (ن ع آ)  پاڪستان خاصخيلي لاڄوڻي اتحاد جو سربراھ اڳوڻي ناظم الائينس صدر سابقه تعلقه ناظم سامارو , سردار الحاج غلام مصطفي خاصخيلي لاڏاڻو ڪري ويوآھي رات دير سان دل بيهڻ سبب اوچتو  65 سالن جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ  ڪري رات دير سان سامارو ڀرسان سان سندس ڳوٺ سردار غلامصطفي خاصخيلي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو سندس وفات جي تصديق سامارو مان پھتل ڊاڪٽرن چڪاس بعد ڪئي، سردار غلام مصطفي خاصخيلي سياسي ميدان تمام گهڻو سرگرم رھيو سندس سياست جي شروعات پاڪستان پيپلزپارٽي  جي شاگرد ونگ سپاف کان ٿي   ـ پ پ جي مقامي قيادت سان اختلاف ٿيڻ بعد آزاد حيثيت ۾ بلدياتي چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ ڪائونسلر جي سيٽ کٽي ڪمشنري واري دور دوران  سامارو ٽائون ڪميٽي  جو چيئرمين ٿيو جنهن بعد فنڪشنل مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان سنڌ جو نائب صدر جو عهدو ماڻيو هن پير صاحب پاڳارا . مسلم ليگ نواز . اڳوڻي جي ڊي اي الائينس امتياز شيخ . اڳوڻي وزيراعلي سنڌ ارباب غلام رحيم . سان ڳڏجي سياست ۾ حصو ورتو . هن بعد سابقه صدر جنرل پرويز مشرف جي پارٽي اي پي ايم ايل سنڌ جو صدر ٿيو گذريل چونڊن ۾ پي ٽي آئي جو اتحادي رهيو پي ايس 51 تي حصو ورتو ,سرادر  ناري تڪ جو هڪ دور هو جيڪو پڄاڻي تي پهتو آھي ,سندس وڇوڙو سياسي کيتر ۾ هڪ وڏو خال ڇڏي ويو آھي , سندس اوڇتي وڇوڙي تي ساماري تعلقي جي هيڊ ڪوارٽر شھر سامارو سميت آس پاس جا ننڍا وڏا شھر سوڳ ۾ بند واپارين دوڪاندارن شھرين ڪاروبار بند ڪيا سردار غلام مصطفي خاصخيلي جي جنازي نماز سندس ڳوٺ ۾ زرين محل جي پارڪ ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان خاصخيلي راڄوڻي اتحاد جي عهديدارن خاصخيلي برادري ۽ علائقي جي سياسي سماجي هزارين ماڻھن شرڪت ڪئي. جنازي نماز کان اڳ سردار غلام مصطفي جي وصيت موجب خاصخيلي راڄوڻي اتحاد جو سرداري پڳ سندس پٽ پگدار سردار غلام مرتظي عرف راجا بابا خاصخيلي کي مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽  سندس مڙھ زرين محل جي ڀرسان مٽي ماء حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.