سانگهڙ ۾منشيات جي وڪري خلاف احتجاج

سانگهڙ (ڊ ر) سانگهڙ ضلعي اندر آئس هيرون چرس آفيم جي کلي عام وڪري خلاف سول سوسائيٽي سڏ تي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري ۾  سول سوسائيٽي اڳواڻن شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي  منصور ميمڻ جبار جوڻيجو چيمبر آف ڪامرس حاجي يامين قريشي غلام قادر انڙ عظيم رونجهو امير بخش بڙدي ۽ ٻين چيو ته سانگهڙ ضلعي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پوليس جي آشرواد سان سرعام مين پڙي گٽڪا اي ٽو ذيڊ گولڊ انڊين سفينا آئس چرس هيرون آفيم ۽ جوا جا اڏا سرعام پوليس آشرواد سان هلي رهيا آھن   منشيات واپرائڻ سبب نوجوان نسل ڪاري سائي وات گلي جي ڪينسر  جي بيمارين ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي   پر سانگهڙ پوليس منشيات جوا جا اڏا بند ڪرڻ بجاء منٿلي وٺڻ ۾ مصروف آھيهنن وڌيڪ چيو ته افسوس سان چوڻ ٿو پئي ته  روزانه جي بنياد تي خيرپور پور چونڊڪو کان ايندڙ منشيات جي ٽرڪن کي پوليس روڪي چالان ڪرڻ بجاء انهن پروٽوڪول ڏئي ڊيلرن تائين پهچائڻ ۾ مصروف آھي. هنن چيو ته هن وقت سانگهڙ شھر ۾ آئس جو وڪرو وکر جئيان هلي رهيو آھي نشو واپرائيندڙ نوجوان موت جي ڪناري تي پهتل آھي هنن آئي جي سنڌ ۽ ڊي آئي جي شهيد بينظرآباد کان نوٽس وٺي منشيات اڏا بند ڪري ڊيلرن جي خلاف  قانوني ڪاروائي ڪرڻ گهر ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.