فريد آباد ۾پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ خلاف ڳوٺاڻن جو  84  ڏينهن به ڌرڻو

فريدآباد ( ن ع آ ) ڪاڇي جي ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف سياسي سماجي تنظيمن  جي اڳواڻن  ميھر علي ڏيرو سڪندر  بروهي   محرم علي رند شبير احمد ڪرٽيو پير محمد ڏيرو ظفر خاصخيلي مير گلاب ڏيرو صداقت مڱڻهار سردار ڏيرو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 84  ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪري سٽي گيٽ وٽ ڌرڻو ھنيو ويو ھنن چيو ته ڪاڇي ۾ پيئڻ جي  پاڻي جي سھولت ناھي  ڪاڇي واسي پاڻي لاء تڙپي رھيا آهيون واٽر سپلا جي ڪم ۾ ڪرپشن ڪئي وئي آهي واٽر سپلا جا پائپ وڪرو ڪيا ويا آهن تڪ جا چونڊيل نمائيندا ڊي سي دادو  پبلڪ ھيلٿ دادو جا آفيسر ڪرپشن ڪرڻ ۾ پورا آھن  تيل گيس ڪمپني انتظاميان ڪاڇي واسين کي پيئڻ جي پاڻي جي سھولت ڏئي ناھن سگھي  ڪاڇي جي ڳوٺن کي روڊ رستا ۽ ٻيون سھولتون ملي ناھن   تڪ جا نمائيندا  توڻي ڊي سي دادو نوٽيس وٺڻ لاء تيار ناھن ھنن واٽر سپلا جي ڪم ۾ ڪرپشن ڪندڙ خلاف نيب چيئرمين اينٽي ڪرپشن  کان  مطالبو ڪندي چيو ته  جانچ ڪرائي  ڪاڇي واسين کي پئيڻ جي پاڻي جي سھولت ڏني وڃي ٻئي صورت ۾ اسان جي تحريڪ هلندي رهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.