راڻيپور ۾ بدامني، پورهيت جي موٽر سائيڪل چوري

راڻيپور(ن ع آ) راڻيپور ۾ ھڪ دفعو ٻيهر بدامني ڪر کنيو آھي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ معمول بڻيل آھي. ٽيلي نار فرنچائيز جو آر ايس او حيبت  علي عباسي جي بروھي مارڪيٽ ٻاھران بيٺل نئين چائينہ گاڏي نامعلوم چاٻي چور ڪاھي فرار ٿي ويا. اھڙي واقعي جي اين سي پڻ راڻيپور ٿاڻي تي داخل ٿيل آھي. پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڙو نہ ڪيو آھي. ان حوالي سان متاثر حيبت علي عباسي ٻڌايو تہ مان ٽيلينور ڪمپني جو ملازم آھيان لوڊ ڏيڻ جي لاءِ مارڪيٽ اندر داخل ٿيس تہ پويان ڪجھ دير بعد جڏھن واپس آيس تہ موٽرسائيڪل اتي موجود نہ ھئي. مان غريب آھيان منھنجي ڪنھن سان ڪا بہ دشمني نہ آھي. منھنجي وس وارن ايس ايس پي خيرپور، ايس ايڇ او راڻي پور کي اپيل آھي منھنجي چوري ٿيل گاڏي موٽرائي ڏني وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.