ٽنڊو مير علي ويجهو ڌاڙي جي ڪوشش، مزاحمت چار جوابدار سوگها

ٽنڊوميرعلي (ن ع آ) ٽنڊوميرعلي چونڪي جي حدڳوٺ ملڪ چودڳي۾ گذريل رات 2بجي 7هٿياربندن جي سيٺ عبدالغفارآرائين جي گهرتي  ڪاه ڪري ڌاڙوهڻڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران گهرڀاتين پاران مزاحمت ڪرڻ تي ڳوٺاڻاسجاڳ ٿي پياجنهن کانپوءهٿياربندن۽ڳوٺاڻن۾فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن کانپوءڳوٺاڻن مڙسي ڪري 4هٿياربندن کي سوگهوڪري ورتوجڏهن ت3هٿياربندن فرارٿيڻ ۾ڪامياب ٿي ويااهڙواطلاع ٽنڊوميرعلي چونڪي انچارج امدادعلي جاگيراڻي کي ڏنوويوجيڪوڪراچي گهمي رهيوهيو۽چونڪي تي مقرراهلڪارب لڙي ن آياجنهن کان پوءپيروسڻ ٿاڻي تي اطلاع ڏنوويوجتان ايس ايڇ اوفورن پهچي هٿياربندن کي پنهنجي تحويل ۾ورتوجنهن جوتعلق پنجاب جي سرائڪي علائقي سان ٻڌايوپيووڃي ان موقعي تي سيٺ عبدالغفارآرائين ٻڌايوت مان ڳوٺاڻن جوٿورائتوآهيان جن موقعي تي پهچي منهنجوساٿ ڏنو۽هٿياربندن کي پڪڙڻڻ۾منهنجي ڀرپورمددڪئي هن وڌيڪ ٻڌايوت پوليس آرام سان ننڊون ڪري رهي آهي۽ عوام جوسڪون بربادٿي ويوآهي ۽عوام ڏينهون ڏينهن بدامني جي باه۾جڪڙجي رهيوآهي هوڏانهن ٽنڊوميرعلي چونڪي انچارج سان رابطوڪرڻ تي انجوموبائل بندرهيوآخري اطلاعن تائين واقعي جوڪوب ڪيس داخل ن ٿي سگهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.