اوٻاوڙو مان نوجوان گم، وارثن کي اغو ا شڪ

اوٻاوڙو ( ن ع آ )  اوٻاوڙو جو امن ڏوھارين حوالي چوريون ۽ اغوا جون وارداتون روز جو معمول بڻيل اوٻاوڙو لڳ کنڀڙاٿاڻي جي حد مان مير  ڪوش جو رهواسي 20 سالا نوجوان غلام رسول ڪوش مبينا طور گم وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاھر ڪري ڇڏيو مغوي جي وارثن جو چوڻ آھي ته اسان جو نوجوان ٻن ڏينھن کان گم ٿي ويو آھي ڳولا باوجود ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگھيو آھي.  اسان کي شڪ آھي ته اسان جي نوجوان کي اغوا ڪيو ويو آھي اسين سخت پريشان آھيون اھڙو اطلاع کنڀڙا ٿاڻي ڏنو مگر کنڀڙا پوليس  نوجوان کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آھي اسين ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ اعلي حڪام کان اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي نوجوان کي جلد بازياب ڪرائي اسان کي انصاف ۽ تحفظ فرھم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.