کنڀي گم ڪيل ذاڪر سهتو آزاد نه ٿيو، نوابشاهه ۾ احتجاج

نوابشاھ(ڊ ر) 25 ڏينهن اڳ ڪراچي مان شاگرد اڳواڻ ذاڪر سھتو کي جبري طور کنڀي گم ڪرڻ واري عمل خلاف جسقم جساف نوابشاھه ۽ وڪيلن پاران اڄ 25ھين ڏينهن تي به سرفراز ميمڻ، علي رضا،  ايڊوڪيٽ سچل مجيب ماڇي، ايڊوڪيٽ اللھ بخش لرو، کنڀي گم ڪيل ذاڪر جو ڀاءُ ايڊوڪيٽ صابر سھتو، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاھه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي انھن چيو ته ڪراچي مان جبري طور کنڀي گم ڪيل شاگرد اڳواڻ ذاڪر سھتو کي 25 ڏينهن گذري ويا آھن جنھن جو ھن وقت تائين ڪوبه ڏس پتو نه ملي سگھيو آھي، ھنن چيو ته جبري طور کنڀي گم ڪيل شاگرد اڳواڻ ذاڪر سھتو ھڪ پرامن شاگرد آھي جيڪو ڪنھن به غير قانوني سرگرمي ۾ ملوث ناھي جيڪڏھن مٿس ڪو ڪيس داخل آھي ته قانون مطابق ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.