لکي ويجهو جنازو کڻي ويندڙ تي وڻ ڪري پيو، هڪ ڄڻو فوت

لکي غلام شاھ(رپورٽ نديم جان مهر) لکي غلام شاھ لڳ پير بکر قبرستان ڏانهن مڙھ کي دفنائڻ لاءِ کڻي ويندڙ ڳوٺاڻن مٿان وڻ جي ڏار  ڪري پيو،ھڪ ڄڻو فوت 2 ڄڻا زخمي اسپتال داخل فوتي جو لاش لکي اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو بيماري سبب نوجوان فوت ٿيو هيو جنهن کي دفنائڻ لاءِ قبرستان وڃون پيا کوسا برادري جا ماڻهو مٿان وڻ ڪٽن پيا جيڪو مٿان ڪرڻ سبب هڪ فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن مقتول جا وارث، (رپورٽ موجب) لکي غلام شاھ لڳ سومر ڳوٺ واسي فوت ٿي ويل 11 سالا نينگر مظفر علي ولد عبدالقيوم مهر جي مڙھ کي قبرستان ۾ دفنائڻ لاءِ کڻي ويندڙ ڳوٺاڻن مٿان پير بکر لنڪ روڊ سان وڻ جو ڏار ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو سومر ڳوٺ مهر واسي عبدالرشيد ولد عبدالڪريم مهر موقعي تي ئي فوت ٿي ويو جڏھن ته 2 ڄڻا حاجي محمد گلاب ولد عبدالحق مهر ۽ جبار مهر سخت زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاءِ لکي ۽ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو ٻنهي زخمين کي اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد فارغ ڪيو ويو هوڏانهن فوت ٿي ويل عبدالرشيد مهر جو لاش تعلقه لکي غلام شاھ اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ويو لاش ڳوٺ سومر مهر ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو هوڏانهن وارثن سان رابطو ڪرڻ تي روشن مهر ٻڌايو ته بيماري سبب ڳوٺ جو 11 سالا نينگر فوت ٿي ويو هو جنهن کي مڏ کوسو جي قبرستان ۾ دفنائڻ لاءِ کڻي وڃون پيا ته پير بکر لنڪ روڊ تي کوسا برادري جا ماڻهون مٿان وڻ وڍي رھيا ھئا جن کي اسان نه ڏٺو هيو ۽ وڻ مٿان ڪرڻ سبب ڪانڌين مان هڪ ڄڻو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو ۽ 2 ڄڻا زخمي آهن واقعي جو ڪيس داخل ناهي ڪرايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.