بلاول اسٽيبلشمينٽ سان ملي ويو، مير جعفر مير صادق جهڙن سبب نقصان ٿيو: فضل الرحمان

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جيڪا آڇ بلاول کي ٿي، اها اسان کي به هٿي  پر اسان قبول نه ڪئي،خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم ٽٽڻ جو ذميوار بلاول ڀٽو زرداري کي قرار ڏنو ۽ چيو ته اسان جي صفن ۾ مير جعفر ۽ مير صادق هجڻ سبب نقصان پهتو، بلاول حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ سان بريڪٽ ٿيو، جيڪا آڇ بلاول کي ٿي، اها اسان کي به ٿي پر اسان قبول نه ڪئي،هن چيو ته استعيفائن جو آپشن پي ڊي ايم جي پڌرائيءَ ۾ موجود هو، پ پ اسان جي ڳالهه مڃي ها ته اڄ حڪومت ختم ٿي چڪي هجي ها ۽ چونڊون به ٿي چڪيون هجن ها،سندس چوڻ هو ته اسان گهڻو ڪجهه ڄاڻون ٿا، گهڻو ڪجهه علم ۾ آهي پر ڪو محاذ نٿا کولڻ چاهيون، جيڪڏهن اسان محاذ کولڻ تي آياسين ته هڪ سوئي به نه رهندي.هوڏانهن ايبٽ آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت اڄ به يرغمال آهي، تبديلي سرڪار اهڙي تبديلي برپا ڪئي آهي ته 5 ۽ 6 سيڪڙو جي ترقي خواب بڻجي وئي ، اهو ڇو نٿا ٻڌائن ته ناڻي ذخيرن ۾ پيل پئسو 100 سيڪڙو قرض آهن، هن چيو ته آمريڪا، يورپ ۽ نيٽو سڀ شڪست کائي چڪا آهن، آمريڪا جو سپرپاور ٽائٽل ختم ٿي چڪو آهي، هن چيو ته طالبان جي وڏي دل جي آجيان ڪرڻ گهرجي، روس ۽ چين جا اشارا مثبت آهن، هن چيوته اڄ جي نسل معيشت جو انجام ڏسي رهي آهي، بک ۽ بدحالي کانسواءِ عام ماڻهو کي ڪجهه نه پيو ملي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.