قطر جي پرڏيهي وزير جون وزيراعظم ۽ شاهه محمود سان ملاقاتون

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پرامن، محفوظ ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان افغانستان جي معاشي  بهتري، انساني ريليف ۽ مدد جي لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو. هو ڪالهه خميس ڏينهن هتي قطر جي ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان آلثاني سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو، ان کان اڳ پرڏيهي وزارت اچڻ تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي معزز مهمان جي آجيان ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.