مهراڻ يونيورسٽي جي شاگردياڻي گم، دوست سان لاهور هجڻ جا اطلاع

ڄامشورو (رپورٽ: صدر جوڻيجو ) مهراڻ يونيورسٽي جي ڪيميڪل شعبي جي ٻئين سال جي شاگردياڻي مرڪ ظفر يونيورسٽي کان واپسي گهر ويندي پراسرار نموني لاپتا ٿي وئي آهي، شاگردياڻي جي والد ظفر الله پٺاڻ ڄامشورو ٿاڻي  تي پهچي گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن کان پوءِ ڄامشورو پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڄامشورو اسد الله پرهياڙ ٻڌايو ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، ابتدائي طور معلوم ٿيو آهي ته ناري پنهنجي ئي ڪلاس جي شاگرد ۽ دوست انس سان نڪري وئي، ۽ هن وقت ناري ۽ نوجوان جي لوڪيشن پنجاب جي شهر لاهور جي اچي رهي آهي، اهو به معلوم ٿيو آهي ته نوجوان ۽ ناري رڪشي ذريعي حيدرآباد جي ريلوي اسٽيشن ويا هئا جتان هو ٽرين ذريعي لاهور پهتا آهن، ايس ايڇ او جو وڌيڪ چوڻ هو ته نوجوان انس جي وارثن کان معلوم ٿيو آهي ته نوجوان پنهنجي دوستن کان پيسا به اڌارا گهريا هئا، هن چيو ته ناري ۽ نوجوان پنهنجي خوشي سان نڪتا آهن، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، هوڏانهن ناري جي والد ظفر الله پٺاڻ جو چوڻ ھو ته مرڪ يونيورسٽي وئي هئي جنهن کان پوءِ هن وقت تائين لاپتا آهي ۽ سندس نمبر به بند آهي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.