گھوٽڪي ، جھڏو ، ٽنڊوالھيار ، سامارو ۽ ڪنڊيارو جون خبرون

گهوٽڪي:وزيراعليٰ سنڌ جي حڪم تي صحت کاتي جي ٽيم پاران سول اسپتال جو دورو

جهڏو: ناري جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ قبر ڪشائي لاءِ آيل ٽيم واپس

ٽنڊو الهيار ۽ آسپاس ۾ تيز طوفاني برسات، بجلي جو نظام درهم برهم

سامارو:سعيد غني پاران سردار غلام مصطفيٰ خاصخيلي جي پونئرن سان تعزيت

گهوٽڪي: سرحد ۾ پلاٽ جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،10 زخمي

ڪنڊيارو: فقير مير محمد لوڙهائيءَ جو 25 هون عرس عقيدت سان ملهايو ويو

1

وزير اعليٰ سنڌ جي حڪم تي صحت کاتي جي ٽيم پاران گهوٽڪي سول اسپتال جو دورو ڪيو ويو، صحت کاتي  حيدرآباد جي ڊي جي حاڪم علي ٽالپر ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر سکر ڊاڪٽر حبيب الرحمان شيخ گهوٽڪي سول اسپتال پهچي سول اسپتال جو جائزو ورتو , ان موقعي تي ايم ايس تعلقه اسپتال گهوٽڪي ارباب ملڪ صحت کاتي جي ٽيم کي اسپتال جي مختلف وارڊن ٻارن جي وارڊ، ڪرونا سينٽر ۽ ميڊيڪل اسٽور جو وزٽ ڪرايو، ان موقعي تي ايم ايس ارباب ملڪ صحت کاتي جي ٽيم کي اسپتال اندر مختلف  اسپيلسٽس ڊاڪٽرن جي کوٽ سميت ٻين سهولت جي کوٽ بابت آگاهي ڏني , هوڏانهن صحت کاتي جي ٽيم ميڊيا کي موقف ڏيڻ کان انڪار ڪيو , ٻئي پاسي معلوم ٿيو آهي ته صحت کاتي جي ٽيم اسپتال جو جائزو وٺي سهولتن جي کوٽ بابت رپورٽ لاگاپيل کاتي کي ڏيندي جنهن بعد وزير اعلئ کي رپورٽ پيش ڪئي ويندي.

2

جهڏو ڀرسان ڏاجهيرو موري ۾ پنج مھينا اڳ مبينا ڦاھو کائي آپگهات ڪندڙ ناري شريمتي ماروي زال ماڌو ڪولهي جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ قبر ڪشائي لاءِ پهتل ٽيم فريادي ۽ جوابدار ڌر ۾ ٺاهه بعد بنا ڪارروائي جي واپس هلي وئي، واضح رهي ته پنج مهينا اڳ ناري مبيناطور ڦاهو کائي آپگهات ڪيو هو جڏهن ته عمر ڪوٽ واسي ناري جي پيءُ چنو ڪولھي جھڏو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته سندس ڌيءَ کي ان جي مڙس ماڌو ڪولھي ۽ سھري ماوجي ڪولھي پيٽ ۾ چاقو ھڻي قتل ڪيو آهي جنهن بعد عدالتي حڪم تي گهگهه موري ڀرسان قائم قبرستان ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ ڊگهڙي ۽ حيدرآباد کان آيل ميڊيڪل بورڊ جي ٽيم ناري جي لاش جو پوسٽ مارٽم ۽ قبر ڪشائي لاءِ پهتي ته ڪيس جي فريادي ناري جي پيءُ چنو ڪولھي قبر ڪشائي ڪرڻ نه ڏني ۽ ٽيم سامهون بيان رڪارڊ ڪرايو ته منهنجي ڌيءَ ڦاهو کائي آپگهات ڪيو هو.

3

ٽنڊوالهيار شهر سميت آسپاس وارن علائقن ۾ تيز طوفان سان زوردار برسات سبب بجلي جو نظام درهم برهم ٿي  ويو، جهنڊومري ، چمبڙ . پيارولنڊ . ڊاسوڙي ، عثمان شاه هڙي ۽ آسپاس جي علائقن ۾ تيز برسات  پوڻ سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو  ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي، تيز هوا سبب ڪيترن ئي دڪانن جا ڇپرا اڏامي ويا، ڪيترائي وڻ ٽٽي پيا، برسات سبب ڪيترائي بجلي جا فيڊر پڻ ٽرپ ٿي ويا.

4

سنڌ جي صوبائي وزيراطلاعات سعيد غني سامارو تعلقي جي ڳوٺ سردار غلام مصطفي خاصخيلي پھچي سردار حاجي غلام مصطفي خاصخيلي جي وفات تي سندس ڀاءُ ابوبڪر خاصخيلي ۽ پٽ سردار غلام مرتضي خاصخيلي سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي  ھن مرحوم سردار حاجي غلام مصطفي خاصخيلي جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي ۽ سموري خاندان سان ڏک جو اظهار پڻ ڪيو، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مرحوم سردار حاجي غلام مصطفي خاصخيلي اسان جي برادري جو وڏو هو، عوام لاءِ سندس ڪيل خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، ان موقعي تي سعيد غني سان گڏ ايس ايس پي عمرڪوٽ مختيار احمد خاصخيلي، صوبائي وزير جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر زبير احمد ميمڻ ، آل پاڪستان خاصخيلي راڄوڻي اتحاد جا اڳواڻ ۽ خاصخيلي برادري جا معززين پڻ موجود ھئا.

5

گهوٽڪي ڀرسان سرحد شهر جي محمد شاه روڊ واري علائقي ۾ پلاٽ جي مالڪي تان ڀيا ۽ ملڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن سبب ٻنهي ڌرين جي ماڻهن پاران هڪ ٻئي مٿان حملو ڪيو ويو، جهيڙي دوران لٺين ۽ سروٽن جو آزادانه استعمال پڻ ڪيو ويو،  جهيڙي ۾ ملڪ ڌر جا مائي حنيفان ملڪ، رياض ملڪ، علي محمد ملڪ، عثمان ملڪ، وقاص ملڪ، ڀيا ڌر جا برڪت ڀيو، ستار ڀيو ۽ هڪ نامعلوم سميت 10 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا ، ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙي سبب محمد شاه روڊ ۽ بائي پاس روڊ وارو علائقو ميدان جنگ بڻيل رهيو، ملڪ ڌر جي ماڻهن پاران زخمي ٿيل مائي حنيفان ملڪ سميت قومي شاهراه تي رڪاوٽون وجهي قومي شاهراه کي پڻ بلاڪ ڪيو ويو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جڏهن ته پوليس غائب رهي ۽ ڪو ڪيس داخل نه ٿيو.

6

ڪنڊيارو ڀرسان فقير مير محمد لوڙھائيء جو 25 هون عرس عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو۔ سوين عقيدتمندن جي لااله الاالله جي ذڪر جي صدائن سان شروع ٿيل عرس تقريبن ۾ ناليوارن عالمن خطاب ڪيو ۽ نعت خوانن نعتون پڙهيون. درگاھ جي مريدن،  پانڌيئڙن ۽ عقيدتمندن  وڏي انگ  ۾  شرڪت ڪئي. درگاھ جي گادي نشين فقير شھاب الدين لوڙھائي عرس  جي پڄاڻي تي خاص دعا گهرائي . جڏھن ته درگاھ تي سيڪيورٽي جا انتظام انتھائي سخت ڪيا ويا هئا. واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا هئا ۽ پوليس سان گڏ جماعت الفقراء جا رضاڪار خدمتون سرانجام ڏيندا رهيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.