نوجوان جا قاتل گرفتار ڪريو، گهوٽڪي ۾ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

گهوٽڪي ( رپورٽ: آزاد مهر  ) گهوٽڪي لڳ آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ابريو لکڻ ۾ 2 سال پهرين قتل ٿيل نوجوان محمد اسحاق ميراڻي جا قاتل اڃان گرفتار نه ٿيا،  مقتول جي وارثن جو قاتلن جي گرفتاري لاءِ قرآن  پاڪ کڻي احتجاج انصاف جي گهر  رپورٽ موجب آندل سندراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ابريو لکڻ ۾ بيدردي سان قتل ڪيل نوجوان محمد اسحاق ميراڻي جا قاتل آندل سندراڻي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي، ان حوالي سان مقتول جي وارثن کي انصاف نه ملي سگهيو ، سندس امڙ اڄ به بيحال ، قتل ٿيل نوجوان اسحاق ميراڻي جي وارثن مائي ڏاتل، مائي ستي، سومار ، مختيار ميراڻي، اختيار ميراڻي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي نوجوان محمد اسحاق کي بااثر سدايو، رئوف، قدير ، مير هزار، مشتاق ميراڻي ۽ ٻين بيدردي سان قتل ڪيو، جڏهن ته آندل سندراڻي پوليس قاتلن جي ساٿاري بڻجي وئي آهي، 2 سال گذرڻ باوجود قاتل اڃان تائين گرفتار ناهن ٿي سگهيا،  چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي گهوٽڪي نوٽيس وٺي  قاتل گرفتار ڪرائن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.