لاڙڪاڻي ۾ چنگچي ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، اهلڪار فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان تعلقي ٿاڻي جي حد لاڙڪاڻو باءِ پاس روڊ تي تيز رفتار لوڊر چنگچي جو موٽر سائيڪل سان زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ شهدادڪوٽ واسي 6 ٻارن جو پيءُ پوليس اهلڪار شبير احمد سومرو سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي ڊرائيور کي گرفتار ڪري زخمي اهلڪار کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن پاران زخمي اهلڪار جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. ان موقعي تي فوتي اهلڪار جي پٽ جهانگير سومرو ٻڌايو ته منهنجو پيءُ شھداڪوٽ ۾ اياز سومري جي بنگلي تي ڊيوٽي ڪندو آهي جيڪو اڄ صبح موٽرسائيڪل تي ڏاڏي کي وٺڻ لاءِ مراد واهڻ مامي صابر سومرو جي گهر پئي آيو ته لاڙڪاڻو باءِ پاس وٽ تيز رفتار لوڊر چنگچي جو پويان سندس موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هو فوت ٿيو آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي اهلڪار جو لاش وارث شهدادڪوٽ کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.