سيوھڻ ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت

سيوھڻ(ن ع آ)  سيوھڻ جي مڪراني محلي جو رھواسي ويلڊنگ جو ڪم ڪندڙ 29 ورھين جو نوجوان مستري استاد عامر بلوچ پنھنجي ننڍي ڀاء سان گڏ گذريل رات نيو سعيدآباد روزگار جي سلسلي ۾ ويل ھو جنھن کي ڪالھ ويلڊنگ جي ڪم ڪرڻ دوران بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو جڏھن ته فوتي نوجوان جو مڙھ سيوھڻ گهر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ۽ پاڙي ۾ سوڳ واري لھر ڇائنجي وئي ۽ نوجوان جي گهر ڀاتين کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا. فوتي نوجوان جي جنازي نماز درگاهه قلندر جي صحن ۾ ادا ڪرڻ بعد سندس مڙھ اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.