امتحان نه ڪرائڻ تي لطيف يونيورسٽي جي ڪنٽرولر جا وارنٽ جاري

سکر (رپورٽر ) لا ڪاليج جي شاگردن جا امتحان نه ڪرائڻ بابت داخل پٽيشن جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ ٿي گذري ٻڌڻي دوران درخواستگذارن جي وڪيل نثار ڀنڀرو عدالت کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي 7لا ڪاليجز جي شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي، شاگردن کان ٽن سالن کان امتحان نه ورتا ويا آهن، عدالت پاران شاگردن کي ٻين ڪاليجن ۾ ايڊجسٽ ڪرڻ واري حڪم تي پڻ عمل نه ٿي سگهيو آهي، عدالت وڪيل جو موقف ٻڌڻي بعد شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جي ڪنٽرولر ۽ نمائندي جي پيش نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪنٽرولر جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي ٻڌڻي 14 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.