لاڙڪاڻي جيل ۾ ماني سپلاءِ ڪرڻ دوران چرس هٿ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ ماني سپلا ڪرڻ دوران ٿيلهين مان چرس هٿ اچڻ کان پوءِ وليد ٿاڻي جي پوليس اسسٽنٽ جيل سپريٽيڊنٽ جي فرياد تي جوابدار عباس مشوري خلاف گناهه نمبر 2021/108 قلم 9 سي اين ايس بي تحت اهڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان وليد ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ منشيات هٿ اچڻ واري معاملي جو ڪيس داخل ٿيڻ کان بعد گرفتار جوابدار عباس مشوري کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. واضع رهي ته گذريل اربع جي رات دير سان لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جي قيدين کي کاڌو فراهم ڪندڙ ٺيڪيدار پاران رات جي وقت ماني فراهم ڪرڻ دوران ڳجهي نموني مانيءَ جي ٿيهلين مان ٻه ڪلو چرس هٿ ڪري ٺيڪيدار جي ٽن مزدورن عبدالوحيد گولو، سهيل ڪورائي ۽ عباس مشوري کي جيل انتظاميه حراست ۾ وٺي وليد ٿاڻي منتقل ڪيو هو

 ڦلجي ٿاڻي تي پارڪو پائيپ لائن  جي چوري جو ڪيس 8 ڄڻن تي داخل

ڦلجي اسٽيشن (ن ع آ)  ڦلجي اسٽيشن ويجهو فال موري وٽ ڪراچي کان شيخو پورا ويندڙ پارڪو جي مين تيل پائيپ لائين مان تيل چوري ڪندڙ 8 جوابدارن مٿان مخدوم بلاول پوليس ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو . پارڪو تيل ڪمپني جي عملدار توفيق اعواڻ جي فرياد تي مخدوم ٿاڻي تي جوابدار شيرل پنھور. عزيز پنهور. احسان پنهور. امير پهنور ۽ 4 نامعلوم جوابدارن سميت 8 جڻڻ تي تيل چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو ٻئي پاسي مخدوم بلاول پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقع واري هنڌان 333 فٽ سنهي پائيپ لائين 3 عدد لوهي وال ۽ مين پائيپ لائين ۾ لڳل ڪلپ هٿ ڪيو ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.