مقصودي رند ۾ عطائين جي ڪلينڪن تي ڇاپا

مقصودو رند (ن ع آ ) مقصودورند ۾ تعلقه ھيلٿ آفيسر سنھجورو ڊاڪٽر نور محمد منڱريو جي اڳواڻي ۾ ميڊيڪل ڊاڪٽرن جي ٽيم جو عطائي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪن تي ڇاپا 8 ڪلينڪون سيل ڪيترائي عطائي ڊاڪٽر فرار خبر موجب مقصودورند ۾ تعلقه ھيلٿ آفيسر (T.H.O) ڊاڪٽر نور محمد منڱريو جي اڳواڻي ۾ ميڊيڪل ڊاڪٽرن جي ٽيم عطائي ڊاڪٽرن جي خلاف ڪاروايون ڪندي ڊاڪٽر اسد منگي، غلام مصطفا خاصخيلي، خوشحال داس، سليم ڏاھري، سميت 8 ڊاڪٽرن جون اسپتالون سيل ڪري اسپتالن ۾ پيل دوائون سمپل طور پاڻ سان گڏ کڻي ويا جڏھن ته ميڊيڪل ٽيم جو ٻڌندي ئي ڪيترائي عطائي ڊاڪٽر پنھنجون ڪلينڪون ڇڏي فرار ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.