واهي پانڌي لڳ ٻارجهوپڙي اندر تعليم پرائڻ تي مجبور ، احتجاج

واهي پانڌي (ن ع آ) واهي پانڌي لڳ ڳوٺ علي بخش لغاري جي پرائمري اسڪول ۾ بلڊنگ جو نه هجڻ ۽ فرنيچر سميت بنيادي سهولتون نه هئڻ ڪري شاگرد سخت گرمي ۾ پٽ تي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن اسڪول کي عمارت نه هجڻ ڪري ٻار جهوپڙي اڏي نٽهڻ اس ۽ سخت گرمي ۾ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن اس جي تپش  سبب  شاگرد بيحال ٿي ويا آھن ان حوالي سان استاد ۽ شاگردن جو چوڻ آهي ته اسان جي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جي بنياد کي وڏو عرصو گذري ويو آهي اعليٰ اختيارين توڙي تڪ جي چونڊيل نمائندن کي بار بار دانهن جي اسڪول عمارت کان وانجهيل آهي اسڪول عمارت نه هجڻ ڪري شاگردن جو چوڻ هو ته عمارت نه هجڻ ڪري اسان کي تعليم پرائڻ ۾ مشڪلاتون آهن ۽ گرمي سبب پڙھي نٿا سگهون جنهن ڪري اسان جي تعليم متاثر ٿئي ٿي .هنن وڌيڪ چيو ته گرمي جي ڪري ڪافي شاگرد اسڪول به نٿا اچن. هنن تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ، سيڪريٽري تعليم اڪبر علي لغاري ۽ ٻين وس وارن کان اپيل ڪئي آهي ته کين ڳوٺ علي بخش لغاري جي اسڪول جي بلڊنگ ٺهرائي ۽ فرنيچر سولر پکا لڳرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.