سکر مان ناري اغوا، ڀائرن تي ڪيس، امڙ جو پوليس خلاف احتجاج

سکر(رپورٽر) بااثرن ۽ نئين پنڊ ٿاڻي پوليس جي مبينه ڏاڍاين خلاف سکر جي نئين پنڊ واري علائقي جي رهواسڻ مسمات سهڻي گوپانگ زال محمد بچل گوپانگ ڌيءَ سنڌو سان گڏ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو آھي ته پاڙي جا بااثر شخص گل محمد چاچڙ، گلبهار، علي شير، غلام حسين چاچڙ ۽ ٻيا چار مهينا اڳ گهر ۾ داخل ٿي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي گهر ۾ رکيل ٻه لک روپيا، سونا زيور ۽ قيمتي سامان کڻي ويا هئا، واقعي جو اطلاع نئين پنڊ ٿاڻي تي ڏنو ته پوليس جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بجاءِ  منهنجي پٽ بشير ۽ ڀائٽي اويس مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته جوابدار منهنجي ڌيءَ کي اغوا ڪرڻ سميت موتمار ڌمڪيون پياڏين، جنهن سبب اسان جي حياتن کي خطرو آھي، چيف جسٽس، ايس ايس پي پوليس خلاف ڪارروائي ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.