ميڊيا اٿارٽي بابت ڪو آرڊيننس نه پيا آڻيون: فرخ حبيب

اسلام آباد (م ڊ)  اطلاعت ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي)فريم ورڪ تي سمورين ڌرين سان مشاورت جو عمل جاري آهي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽين کي پڻ ان حوالي سان تفصيلي آگاهه ڪيو ويو آهي، فيڪ نيوز وڏو چئلينج آهي، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي ڪانٽريڪٽ تي عملدرآمد مسئلو آهي، پي ايم ڊي اي تي ڪو آرڊيننس نه آڻي رهيا آهيون، جيڪڏهن ائين ئي ڪرڻو هجي ها ته مشاورت نه ڪريون ٿا، وار آف اوپينيئن ۽ عيرروايتي جنگ لاڳو ٿي چڪي آهي. هن چيو ته سمورين ڌرين کي ان ڳالهه جي ضمانت ڏيون ٿا ته پي ايم ڊي اي سان اظهار راءِ جي آزادي تي ڪا پابندي نه لڳندي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته باقي ملڪن وانگر فيس بڪ، ٽوئيٽر، نيٽ فليڪس، يوٽيوب ۽ او ٽي ٽي پليٽ فارم جون آفيسون پاڪستان ۾ قائم ٿيڻ گهرجن، نئين ايڊورٽائيزنگ پاليسي ۾ ڊيجيٽل ايڊورٽائيزنگ شامل ڪئي وئي آهي، جيڪي پي آءِ ڊي سان رجسٽرڊ هوندا انهن کي سرڪاري اشتهار ملي سگهندا. هن ٻڌايو ته ميڊيا ڪمپلينٽ ڪائونسل ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي درخواست جو 21 ڏينهن ۾ فيصلو ٿيندو، ان جي خلاف ميڊيا ٽربيونل سان رجوع ڪري سگهبو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.