”افغانستان ۾ نگران سيٽ اپ جي اعلان تي ردعمل وقت کان اڳ هوندو“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته افغانستان ۾ نگران سيٽ اپ جي اعلان تي ردعمل وقت کان اڳ هوندو.

پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ميديا ذريعي خبر پئي ته سي آءِ اي جو سربراهه ڪابل جي دوري تي آهي، باضابطا حڪومت جي عدم موجودگي ۾ انٽيليجنس ادارا  اهڙو فريم ورڪ  جوڙيندا آهن.

هن چيو ميڊيا ذريعي ئي خبر پئي ته ترڪي ۽ قطر جا انٽيليجنس سربراهه به ڪابل ۾ هئا، افغانستان جو ڪو پرڏيهي وزير ناهي، اسان پرڏيهي وزير موڪليون ها ته اهو ڪنهن سان ملي ها؟

سندس چوڻ هو ته افغانستان مان پرڏيهي شهرين کي ڪڍڻ جي عمل ۾ پاڪستان مدد فراهم ڪئي، جڏهن ته ڀارت مسلسل پاڪستان خلاف پروپئگنڊا ڪري رهيو آهي، ڀارتي ميڊيا ويڊيو گيم ۾ جهيڙي کي پنجشير ۾ پاڪستان جي ڪارروائي چيو.

وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ افغانستان کي ڪافي مسئلا پيش آيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.