هنگو مان ڪالعدم تحريڪ طالبان جا 9 دهشتگرد گرفتار

 

هنگو (ويب ڊيسڪ) هنگو ۾ سي ٽي ڊي ۽ ڳجهن ادارن گڏيل ڪارروائي ڪندي ڪالعدم ٽي ٽي پي جي 9 دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

دهشتگردي ٽوڙ کاتي ۽ ڳجهن ادارن گڏيل ڪارروائي دوران هنگو جي علائقي رحمت شاهه بانڊه افغان مهاجر ڪئمپ ۾ هڪ گهر مان 9 مبينا دهشتگردن کي گرفتار ڪيو.

پوليس موجب دهشتگردن جي قبضي مان 3 ڪلاشنڪوف، هڪ رائفل، 2 آر پي جي، 14 آر پي جي گولا، 529 ڪارتوس، 18 ميگزين، هڪ هينڊ گرنيڊ ۽ هڪ عدد نمبر پليٽ بنا موٽر سائيڪل به هٿ ڪئي وئي آهي.

پوليس ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن ۾ اتر وزيرستان جو ره واسي سيد رياض، رسول محمد، سعد الله، بنون جو مسعود احمد، حبيب الله، عمر ۽ مغفور الله شامل آهن، جڏهن ته لڪي مروت جي فواد خان ۽ مهمند جي حجت الله کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب گرفتار دهشتگردن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري خاص جاچ ٽيم مقرر ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.