لاڙڪاڻي لڳ نينگري اغوا، وارثن جو آزادي لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي لڳ ڳوٺ حيدر بروهي جي رهواسي مردن ۽ عورتن مبينا اغوا ٿي ويل 15 سالن جي نينگري افسانه ڌيءَ حسين علي بروهي جي بازيابيءَ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي نينگري جي پيءُ الهه رکيو بروهي پنهنجي ڀاءُ حسين علي بروهي، وارثن ممتاز بروهي، راج بيبي، شريفان، شاهه بيبي، نور بيگم، منور خاتون بروهي ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته منهنجي 15 سالن جي ڌيءُ افسانه بروهي کي ڪالهه منجهند ڌاري بااثر محمد صالح بروهي پنهنجي ٻن ساٿين سان گڏجي اغوا ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو جنهن خلاف حد جي باقراڻي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ وياسين پر پوليس ڪيس داخل نه ڪيو. هن چيو ته پنج سال اڳ به محمد صالح بروهي پنهنجي ٻن نامعلوم منهنجي ڀائيٽي صنم ڌيءَ حسين علي بروهي کي اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو ان جو ڪو به اڄ ڏينهن تائين ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو ڪالهه ٻيهر منهنجي ڌيءَ کي اغوا ڪري ظلم ڪيو ويو آهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته اغوا ٿي ويل افسانه ۽ صنم کي بازياب ڪرائي بااثر محمد صالح بروهي ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.