مٽياري ۾ چور سوگهو، ڪٽڪي بعد پوليس حوالي

مٽياري (ڊ ر) مٽياري شهر ۾ موٽر سائيڪل چورين جو آزار وڌي ويو آهي پوليس ذريعن موجب شبير ميمڻ مائي واري جي موٽر سائيڪل نامعلوم چور چوري ڪري فرار ٿي ويا هئا، جڏهن ته مٽياري شهر جي ريشم بازار ۾ شهرين موٽر سائيڪل چوري ڪندي چور کي سوگهو ڪري ورتو، جنهن کي مارڪٽ ڪرڻ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، دوڪاندارن موجب چور موٽر سائيڪلون چوري ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪري ورتو ۽ هن چيو آهي ته هڪ ڏينهن اڳ به شهر مان مون ئي موٽر سائيڪل تالو توڙي چوري ڪئي هئي، سوگهي ٿيل چور جي سڃاڻپ سرفراز عرف ڪاڪو پٽ اقبال ڳهيلو طور ٿي آهي جنهن وٽان موٽر سائيڪل تالا ٽوڙڻ واري ماسٽر چاٻي پڻ ملي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.