ٽنڊي محمد خان ۾ پوليس هٿان 15 جواري گرفتار

ٽنڊومحمدخان (ڊ ر) ٽنڊو محمد خان پوليس جي پ پ سٽي جي صدر معشوق ڀٽي جي اوطاق تي ڇاپو ، سٽي صدر سان گڏ جوا راند ڪرڻ جي الزام ۾ 15 ڄڻا پوليس هٿان سوگها ، وري آزاد ڪيا ويا ، خبر موجب ٽنڊو محمد خان جي شهري علائقي پير محله ۾ پوليس خفيه مليل اطلاع تي پ پ سٽي جي صدر معشوق ڀٽي جي اوطاق تي جوا جي هلندڙ اڏي تي چڙهائي ڪري ڇاپو هنيو جنهن ۾ جوا راند ڪندڙ ڪيترائي ڄڻا موقعي تان فرار ٿي ويا ، پوليس پ پ سٽي جي صدر معشوق ڀٽي سان گڏ 15 ڄڻن کي گرفتار ڪري سٽي ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو جنهن جي بعد پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس کي مليل اطلاع تحت لڳايل ڇاپي ۾ ڪا به ثابتي نه ملي هئي جنهن جي ڪري ڪا به گرفتاري نه ڪئي ويئي  آهي جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس جوا جي اڏي تان پ پ سٽي جي صدر معشوق ڀٽي ۽ ٻين کي گرفتار ڪري بااثر شخصيت جي فون تي کين لاڪپ مان ٻاهر ڪڍي آزاد ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.