طالبان تبديلي ۽ پاڪستان جو ڪردار

تحرير: حافظ سڪندر تنيو

وڏي عرصي جي ويڙهه، تڪليفون، ايذاءُ، اذيتون سهندي نيٺ هڪ افغانستان وري طالبان جي قبضي ۾ اچي ويو آهي. طالبان جي پوئين حڪومت مان افغان عوام ۽ دنيا جا مهذب ملڪ ۽ معاشرا گهڻي تعداد ۾ کين نا پسند ڪندا هئا. هنن جون پاليسيون جن ۾ اقليت کي ڳاڙها پڳڙ پائي گهمي هلڻ جي سڃاڻپ ڪرائڻ، عورتن مٿان پردي جي سخت پابندي، عورتن سان گڏ نوجوانن لاءِ جديد تعليم پرائڻ تي بندش وجهڻ، زبردستي نماز پڙهائڻ ۽ ڏاڙهي شريف رکرائڻ، ريڊيو ٽي وي کي شيطان جو آواز چئي، سندن نشريات بند ڪري ڇڏڻ، ملڪي معيشيت جو تباھ هجڻ هيون. تن مان افغاني عوام سخت بيزار بڻجي چڪو هيو. آمريڪا مٿن حملا ڪري رهيو هيو ته هي وري بي بي سي ريڊيو ٻڌڻ لاءِ ڪن ڏيو بيٺا هئا. ڇو جو هنن پنهنجي ملڪ مان ريڊيو ٽي وي تي بندش وڌي هئي. سندن وڃڻ بعد حجامن جو ڌنڌو وڌي هليو هيو جو نصير آباد جي منگي محلي جا حجم پڻ هرات، ڪابل ۽ قنڌار روزگار ڪرڻ لاءِ ويا هئا.

هاڻي وري تڪڙو اعلان ته ڪيو ويو آهي ته هن ڀيري جي سندن حڪومت پراڻي طرز طالبان کان الڳ هوندي. عورتن کي تعليم ڏني ويندي. اسڪول کليل رهندا. پر بي پردگي جي اجازت ڪنهن کي نه هوندي. وزير جي پگهار هڪ عام پورهيت جي مزدوري مهيني جي ڪمائڻ جيتري ڏني ويندي. پر ٻه هفتا گذرڻ باوجود ڪائي تبديلي ڏسڻ ۾ نه اچي سگهي آهي. هن وقت دنيا ويھ سال  اڳ کان گهڻو بدلجي چڪي آهي. مواصلات جا ذريعا نوان نڪور اچي ويا آهن. انٽر نيٽ دنيا کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي ڇڏيو آهي. ان ڪري جيڪڏهن طالبان وقت سان گڏ هلڻ نه سکيو، ۽ پاڻ کي بدلائڻ جي ڪوشش نه ڪئي، ته بقول مولانا عبيد الله سنڌي جيڪا قوم پاڻ کي نٿي مَٽائي سا دنيا جي نقشي تان مِٽجي وڃڻ جي تياري ڪري ڇڏي.

ويڙهه ذريعي حڪومت حاصل ڪرڻ ته سولو ڪم هوندو آهي، پر ملڪ کي هلائڻ لاءِ هٿيارن جي نه پر معيشيت کي مضبوط ڪرڻ جي گهرج هوندي آهي. طالبان جيڪڏهن فلاحي رياست قائم ڪرڻ گهرن ٿا ته پنهنجي پراڻين پاليسين کي کين ڇڏڻو پوندو. دنيا کي کين يقين ڏيارڻو پوندو ته هو امن پسند ماڻهو آهن. هو دنيا جي ملڪن کي دعوت ڏين ته اسان جي ملڪ ۾ اچو پنهنجا سفارتخانا کوليو. ڪنهن به غير مسلم سفير يا سفارتخاني مٿان ڀتر يا جِنب به نه اڇلي ويندي. افغان عوام منجهان جيڪي يورپ جي ملڪن ۾ ڪاروبار ڪن ٿا. معاشي حالت سٺي رکن ٿا. سياسي تجربيڪاري ۾ ڀڙ ٿيل هجن. تن کي هو يقين ڏيارين ته هي اوهان جو ملڪ آهي. هن جي ترقي ۾ پنهنجو حصو اچي ڳنڍيو. جيڪي افغاني پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪن ٿا يا سٺيون نوڪريون ڪن ٿا. تن کي ڪابل گهرائي پيسي جي سيڙپ ڪرڻ، تعليمي ادارن ۾ مقرري ڪرڻ جي آڇ ڪن ته اوهان جو مستقبل پاڪستان سان يا ڪنهن ٻئي ملڪ سان جڙيل ناهي. اوهين موٽي اچو هتي روزگار ڪيو. هتي سيڙپ ڪريو. جيڪو افغاني ڪراچيءَ ۾ ڪاروبار ڪري ٿو. کيس ملڪ موٽي اچڻ لاءِ مڃائڻ کپي. هرهڪ ماڻهو کي پنهنجو وطن جان جيان پياريو هوندو آهي. جان جي حفاظت نه هئڻ سبب جيڪي ماڻهو هليا ويا آهن. تن کي واپس آڻائڻو پوندو.

دنيا جي ملڪن کي پڻ گارنٽي ڏيارڻي پوندي ته هو پنهنجي سر زمين ۽ پنهنجو ڪلهو هاڻي ٻين جي مفادن لاءِ ڏيڻ نه ڏينداسين. جهڙي طرح ايران ۾ پڻ مولوين جي حڪومت آهي. پر هو جديد دور جي حڪومتي نظام کي هلائي ترقي ڪري چڪا آهن. طالبانن کي پنهنجي هر مخالف ۽ هر شهري کي عام معافي ڏيڻ واري اعلان تي ثابت قدم ٿي رهڻو پوندو. ملڪ ۾ شيعا، ھزاره ۽ سني فرقي وارن کي مذهبي آزادي ڏيڻي پوندي. پاڪستان ۽ هندوستان کي بنا ڪنهن مذهبي فرق جي هڪ نظر سان ڏسڻو پوندو. ڪشمير ڄاڻي ڪشميري ڄاڻن واري پاليسي تي هلڻ کپندو. دنيا مان پڙهيل لکيل افغانين سان گڏ غير افغاني پڻ گهرائي کين پاليسين ٺاهڻ لاءِ گهرائڻ کپندو. اتر اتحاد کي پڻ کين حڪومت ۾ شامل ڪرڻو پوندو. عورتن کي هر شعبي ۾ شامل ڪرڻو پوندو. پرائمري تعليم لاءِ مرد استادن کان وڌيڪ عورتن ٽيچرس کي وڌيڪ اهميت ڏيڻي پوندي. نوجوانن لاءِ تفريحي سرگرميون ڪرڪيٽ، هاڪي، ۽ ٻين راندين ۾ کين حصو وٺڻ جي آزادي ڏيڻي پوندي.

پاڪستان کي پڻ ذهن نشين ڪرائڻو پوندو ته افغاني عوام هاڻي نه روس لاءِ نڪي آمريڪا لاءِ، نڪي اوهان جي مفادن لاءِ پنهنجي عوام کي ٻارڻ بڻائڻ ڏيندو. تعليم جي پراڻي مذهبي نصاب کان اڳتي وڌي نئون جديد نظام رائج ڪرڻو پوندو. پاڻ وٽ رڳو ملان نه پر انجنيئر، ڊاڪٽر، نرسون، معاشي ماهر پيدا ڪرڻا پوندا. اسمگلنگ ۽ چرس، آفيم، ڏوڏي، هيروئڻ جي ڪاروبار کي مڪمل بند ڪري اقتصاديات جي واڌاري لاءِ نوان ڪارخانا لڳايا ويندا. عدالتي نظام سعودي عرب کان وٺڻو پوندن. جنهن ۾ ڪنهن به ڏوهاري کي بخش نه ڪيو ويندو. پاڪستان کي پڻ افغانستان جي معاملن کان پاڻ کي پري رکڻو پوندو. هو افغانين جي وڌيڪ آبادڪاري کي روڪيندي پراڻي ٿيل آبادڪاري کي ڪراچيءَ ۽ ملڪ جي ٻين حصن مان ڪڍي کين پنهنجي ملڪ موڪلڻ جو بندوبست ڪرڻ کيس کپندو. ڇو جو پاڪستان جي پنهنجي معيشيت ٻڙي تي پهتي آهي. ملڪ جي آبادي جيترو گهٽ ڪئي ويندي، اوترو ملڪ کي معاشي فائدو رسندو. معيشيت جي ڪمزور هجڻ جو جواز ڏيئي هزارين ملازم ادارن مان ڪڍيا وڃن ٿا ته پوءِ غير ملڪي ماڻهو پڻ ادارن جيان ملڪ مان ڪڍڻ گهرجن. ملڪ جا مالڪ هلائيندڙ جڏهن پاڻ واپاري بڻجي وڃن. کين سانگهڙ، بدين، نواب شاھ، سڪرنڊ، ڪراچيءَ ۾ لکين ايڪڙ زمينون مليل هونديون ته سنڌين ۾ اهو بي واجبي جو ورتاءُ ڏسي  منجهن تاءُ ۽ تپش ضرور پيدا ٿيندي. دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ ڪوئي سرڪاري ادارو واپار نٿو ڪري ته هتي پڻ نه ٿيڻ کپي. ملڪ کي غير قانوني ۽ غير آئيني طريقي سان هلائڻ کان پوئتي هٽڻ کپي.

ملڪ جا سڀ ادارا آزاد ۽ خود مختار بڻايا وڃن. صرف ماڻهن مٿان حڪم هلائڻ، حاڪميت ڪرڻ ئي نه هوندو آهي. پر کين زندگي جون سڀ ضرورتون، شيون سستيون يا مفت ۾ ڏيڻيون هونديون آھن. حڪومت هلائڻ سول ماڻهن جو ئي ڪم هوندو آهي. ڪنهن به جمهوري ملڪ ۾ عسڪري ماڻهو حڪومت نه هلائيندا آهن. ڀلي ڪيترو به صحيح ۽ سچار ايماندار ماڻهو ڇو نه هجي. پر جي هو جمهوري روين جي خلاف هلندو ته ملڪ کي نقصان ٿيندو. ليبيا ۾ ڪرنل قذافي بادشاهت ختم ڪري سٺو ڪم ته ڪيو. پر جڏهن هو پاڻ آمر بڻجي ويو، ته ملڪ ۾ بغاوت ٿي ويس. ترڪي ۾ پڻ سوشل ميڊيا جي خبر ممڻ مچائي وڌو. ماڻهو ٽينڪن آڏو سمهي جمهوري حڪومت بچائي ويا. بغداد ۾ پڻ صدام بادشاهت ختم ڪري پر پاڻ آمر بڻيو ته ماڻهو هلي هلي کانئس بيزار ٿي پيا، جتي به جمهوري رستو روڪيو ويندو. اتي بغاوتون ضرور اڀرنديون.

ستر جي اليڪشن ۾ عوامي ليگ وڏي گهڻائي سان چونڊجي آئي. پر غير جمهوري طريقا استعمال ڪندي کيس حڪومت ٺاهڻ نه ڏني ويئي. جڏهن ته بنگالي ته يحي’ خان کي صدر قبولڻ لاءِ پڻ تيار ٿي ويا هئا. پوءِ به کين حڪومت نه ڏني ويئي. مٿن بد ترين آپريشن ڪري لکين بنگالي قتل ڪيا ويا. انگريز ويندي ويندي هتي حڪومت پنهنجي بڻايل وفادارن کي ڏيئي ويو. جيڪي فوجي انگريزن جي وفادارين سبب عوام تي تشدد ڪندا هئا. سندن تذليل ڪندا هئا. عوام کي جيلن ۾ واڙي گار گند ڪندا هئا. سي گاريون اڃا سندن زبانن تان ميسارجي نه ويون آهن. جمهوري ملڪن ۾ فيصلا پارليامينٽ ۽ چونڊيل سويلين ماڻهو ڪندا آهن. تازو آمريڪي صدر چيو ته اسين وڌيڪ پنهجي فوج ڇو مارايون، يا وڌيڪ پيسو ۽ اسلحو ڇو خرچ ڪريون، ته ان فيصلي کي پينٽاگان قبولڻ کان انڪار ئي نه ڪيو. پر هتي فيصلا هڪ مخصوص جاءِ تي ٿيڻ سبب ملڪ کي نقصان ٿي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.