سيڪريٽري تعليم ڏانهن هڪ کليل خط

تحرير: منٺار شاهاڻي/ جوهي

سائين غلام اڪبر لغاري صاحب! جيئن ته گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول الهداد شاهاڻي (يوسي ڇني تعلقي جوهي ضلعو دادو)  هي اسڪول تعليمي رڪارڊ موجب 1965 کان وٺي جوهي تعلقي ۾ هلندڙ آهي. هن اسڪول ۾ شاگرد تعليم پرائي اعلي تعليم يافته ٿي ڪري وري انهيءَ اسڪول ۾ استاد مقرر ٿي ڪري پنهنجي سروس پوري ڪري رٽائر ٿي ويا گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول الهداد شاهاڻي سال 2018ع ۾ مقرر استاد جي رٽائر ٿيڻ کانپوءِ اڄ ڏينهن تائين بند پيل آهي ڳوٺاڻن ۽ شاگردن جي مسلسل احتجاجن باوجود ڪو کڙتيل نه نڪتو،  جنهن سبب ڳوٺ جا شاگرد تعليم جهڙي زيور کان محروم بڻيل آهن ، ٻارڙ، رهيا آهن.  تعليم پرائڻ بدران ڪاڇي جي  جهنگ ۾ مال چاري وڏن آفيسرن جا ٻار ته پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙھندا آهن، ٽيوشن پڙھي ڪري اعلي تعليم پرائيندا آهن

ڇا اسان ڪاڇي جي مسڪين هارين مزدورن پورهيتن جي معصومن لاءِ سرڪاري اسڪولن ۾ به تعليم پرائڻ جي ڪا گنجائش ناهي. جوهي تعلقي جي مختلف اسڪولن ۾ گهٽ انرولمينٽ هجڻ باوجود انهن اسڪولن ۾ وڌيڪ استاد مقرر ٿيل آهن ۽ جوهي تعلقي جي مختلف يونين ڪائونسلن ۾ بند اسڪول کولرائڻ بدران استاد يونين جا اڳواڻ به پنهنجن چپن کي تالا هڻي آهن، جڏهن ته تعلقي ايجوڪيشن آفيسر ۽ ضلعي ايجوڪيشن آفيسر به اگهور ننڊ ۾ ستل آهن. جوهي تعلقي ۾ سفارشي ۽گوسڙو استادن کي فوڪل پرسن مقرر ڪري ڊيوٽين کان آجو ڪري دادلو رکيو ويو آهي، اهي ڊيوٽين بدران استادن کي تنگ ڪري  هلندڙ اسڪول بند ڪرائي ايس ايم سي فنڊ هڙپ ڪري ويندا آهن

جيئن ته پهريان سپروائيزر هوندا هئا اهي به ايئن ڊيوٽين کان گوسڙو ٿي ڪري گهر ويٺي پگهار کڻندا هئا انهن کي به ڪورٽ سڳوري تعليم جي بهتري لاءِ اسڪولن ۾ مقرر ڪري ڇڏيو هو,اهڙي طرح توهان به جوهي تعلقي ۾ ويزا تي هلندڙ ڊزن کن فوڪل پرسنن کي به ڊيوٽين تي لڳائي بند اسڪولن جي ڳوٺن ۾ تعليم جهڙي زيور کي عام ڪري گلن جهڙن معصوم ٻچڙن کي تعليم سان نوازيو، نوٽيس وٺي جوهي تعلقي ۾ گوسڙو رهندڙ ويزا تي هلندڙن سميت فوڪل پرسنن کي ڊيوٽين تي لڳايو،  بوائز پرائمري اسڪول الهداد شاهاڻي ٽن سالن کان بند رهڻ جو نوٽيس وٺي غير فعال ۽ ستل رهندڙ تعلقي ضلعي جي کاتي جي نااهل نا تجربيڪار آفيسرن خلاف خلاف ايڪشن کڻو جيئن ڪاڇي جي مسڪين پورهيتن هارين مزدورن جا ٻچڙا به تعليم پرائي سگهن۔.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.