صحافتي تنظيمون مطمئن نه ٿيون ته ميڊيا اٿارٽي بل رد ڪري ڇڏينداسين: سينيٽ ڪميٽي

اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، چيئرمين چيو ته  صحافتي تنظيمون ميڊيا اٿارٽي تي مطمئن نه  ٿيون ته بل رد ڪري ڇڏينداسين،  سيڪريٽري اطلاعات شاهيره شاهد بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته صحافتي تنظيمن ميڊيا اٿارٽي بل رد ڪري ڇڏيو آهي، اطلاعات جي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته صحافي تنظيمن ۽ پنج وڏن پريس ڪلبن سان مشاورت ڪئي آهي، سينيٽر علي ظفر چيو ته صحافي تنظيمن سان ڳالهين ۾ ڪهڙو نتيجو نڪتو؟فرخ حبيب چيو ته  ڪجهه شين تي اعتراض واريو ويو،، بل ۾ قيد ناهي، ڏنڊ آهي،وفاقي ڪابينا ايڊورٽائزنگ پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي،  عرفان صديقي چيو ته اٿارٽي ۾ فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ عامل صحافي نه هوندا،چيئرمين ڪميٽي پاران ايڊورٽائرنگ پاليسي ڊرافٽ ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي چيئرمين چيو ته توهان چئي رهيا آهيو ته ايڊورٽائزنگ پاليسي جي منظوري ڏني وئي آهي،اها شاڪنگ ۽ بريڪنگ نيوز آهي،فيصل جاويد چيو ته اڄ رياستي چئنل تي شهبازشريف جون تقريرون هلايو ن پيون وڃن، پارليامينٽ اجلاس جي تقرير ته سمجه ۾ اچي ٿي جلسن جون تقريرون ڇو پيون ڏيکاريون وڃن، جنهن تي ن ليگ جي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته ڪنهن ڏينهن نوازشريف جي تقرير به هلائي ڇڏيو جنهن تي اجلاس ۾ ٽهڪڙا پئجي ويا، فرخ حبيب چيو ته نوازشريف وطن واپس اچي ته تقريرون هلائينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.