ٽنڊي الهيار واسي جو مسڻ ڀرسان گوليون لڳل لاش هٿ، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

ٽنڊوالهيار(رپورٽ: خميسو دائوداڻي) ٽنڊوالهيارجي انڙ پاڙي واسي غلام مصطفيٰ آرائين جو مسڻ لڳ مچائو لنڪ روڊ تي ڪيلي جي فصل مان لاش هٿ، مسڻ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي ٽنڊوالهيار جي سول اسپتال پهچايو جتان پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ٻي پاسي مقتول جي وارثن حيدرآباد ميرپورخاص روڊ  تي مددگار پوليس جي آفيس اڳيان لاش رکي احتجاجي ڌرڻوهنيو، ان موقعي تي مقتول جي وارثن ۽ ٻين چيو ته اسان جي نوجوان جي ڪنهن سان به دشمني نه هئي هو هڪ شريف ماڻهون هو، گذريل ڏينهن شام جو گهران نڪتو ۽ اڄ لاش مليو آهي  24 ڪلاڪن اندر غلام مصطفيٰ جا قاتل گرفتار نه ٿيا ته سموري پاڪستان ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو. ڊي ايس پي چمبڙ شاهنواز ميمڻ ٻڌايو ته اسان نوجوان جو پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، نوجوان کي تشدد ڪري گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي جاچ ڪري رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.