سوئي گئس جي 360 ملازمن جي بحالي واري درخواست رد

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سوئي گئس ڪمپني مان فارغ ملازمن جي بحالي واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي ، درخواستگذارن  کي سپريم ڪورٽ سان رابطي جي هدايت ڪئي وئي آھي، برطرف ملازمن جي وڪيل ضمير گهمرو دليل ڏنا ته سپريم ڪورٽ جيڪو ايڪٽ ڪالعدم قرار ڏنو آهي، درخواستگذار ملازم اُن ايڪٽ تحت بحال نه ٿيا هئا، عدالتي فيصلي بعد ايس ايس جي سي مان 360 ملازمن کي فارغ ڪيو ويو، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو آهي ته  فارغ ٿيل ملازم سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪن، ائين نٿو ٿي سگهي ته آرڊيننس آڻي ملازمن کي بحال ڪريو، آرڊيننس ختم ٿئي ته اُن کانپوءِ قانون ٺاهيو، ائين ملازم انجواءِ ڪندا رهندا آهن،عدالت ۾ ايس ايس جي سي جي وڪيل چيو ته 2010ع جي ايڪٽ کي سپريم ڪورٽ ڪالعدم قرار ڏنو هو هي 2009ع ۾ جاري ڪيو ويو هو ،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.