ڊي جي آءِ ايس آءِ طالبان جي ويجهو، ڪابل دورو ڳجهو نه رکي هاڪاري فيصلو ڪيو ويو: سينئر صحافي

ڪراچي(م ڊ) تجزئي نگار رئوف ڪلاسرا پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته چند ڏينھن پھريان ڊي جي آءِ ايس آءِ  جو ڪابل دورو دنيا جي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي مختلف تجزين ۽ خدشن جي خبرن جي زينت بڻيل رھيو ،ڊي جي (آءِ ايس آءِ) اھو موقف واضح ڪيو ھئو ته  جيل مان آزاد ڪيل ڏوھارين مان خطي جي ان کي نقصان پھچندو جنهن تي طالبان سان ڳالھيون ٿيون آھن ، ان بيان مان ان دوري کي مثبت انداز سان ڏسي سگھجي ٿو ، پر سوشل ميڊيا تي ليفٽيننٽ فيض حميد جي ڪابل ھوٽل ۾ چانهھ پيئڻ جي تصوير به  سنسني خيز رھي ۽ مختلف حالت ۽ واقعن سان جوڙي وئي ،ڊي جي آءِ ايس آءِ جي چانھ جي ڪپ واري تصوير ھندستاني پائليٽ اڀي نندن جي چانهھ جي ڪپ سان جوڙي وئي ،ھندستاني پائليٽ به، ھڪ مشن تحت پاڪستان ۾ داخل ٿيو ھئو ۽ پاڪستاني جنرل پڻ ھڪ مشن تحت ڪابل پھتو ھئو ،فرق صرف اھو ھو ته ھڪ جي ھٿ ۾ پاڪستاني چانھه جو ڪپ ھو ۽ ٻئي جي ھٿ ۾ ڪابلي چانھ جو ڪپ ھو ،سوشل ميڊيا جي تجزئي نگارن اھو تاثر ڏنو آھي ته ،ڊي جي آءِ ايس آءِ  جي ان دوري جا ڀلي ڪي به مقصد ھجن پر ھڪ اھو به مقصد آھي ته پاڪستاني اسيٽبلشمينٽ طالبان جي نئين جڙندڙ حڪومت سان گڏ آھي ۽ ھندستان سميت مخالف ملڪن کي اھو تاثر ڏنو آھي ته اسان طالبان پٺيان آھيون ،معنيٰ ڪلھو طالبان جو ۽ بندوق پاڪستان جي واري ڪار لڳي پئي ،جڏهن ته جنرل فيض جي دوري کي ڳجهو رکڻ جي ڪوشش نه ڪري هڪ مثبت قدم کنيو ويو، هن چيو ته سوال اهو آهي ته آءِ ايس آءِ سربراهه ڪابل جو دورو ڇو ڪيو، اها خبر هئڻ گهرجي ته هو طالبان سان رابطن ۾ رهيو آهي ۽ هن دوحامعاهدي کان اڳ قطر جا درجنين دورا ڪيا جنهن ۾ هن آمريڪي اختيارين سان ملاقاتون ڪيون، هن چيو ته ذريعن کان معلوم ٿيو ته پاڪستان طالبان تي دٻاءُ وڌو هوته اشرف غني ۽ اترئين اتحاد جي اڳواڻن سان به پاورشيئرنگ ڪئي وڃي پر طالبان ان کي تسليم نه ڪيو، هڪ ذميوار شخص خبر ناهي مذاق ۾ يا سنجيده طور ٻڌايو ته طالبان چيو ته جيڪڏهن انهن کي افغان حڪومت ۾ شامل ڪريون ته پوءِ توهان(پاڪستان ۾ ) عمران خان سان گڏ آصف زرداري ۽ نوازشريف کي شامل ڇو نٿا ڪريو، جنرل فيض چاهي ٿو ته ترڪي ۽ طالبان کي ويجهو آندو وڃي، ڪابل ايئرپورٽ لاءِ ترڪي، قطر ۽ يو اي اي دلچسپي رکن ٿا، ان صورتحال ۾ پاڪستان ڦاسي پيو آهي

پنج شير طالبان حوالي ٿيڻ بعد پاڪستان خلاف ڀارتي ۽ ايراني ميڊيا هڪ

ڪراچي( تجزيو: عدنان هاشمي) پنج شير تي طالبان جي ڪنٽرول بعد پاڪستان خلاف پروپئگنڊا ۾ ڀارت سان گڏ ايراني ميڊيا به ڪڏي  ڪاهي پئي. پنج شير ۾ طالبان جي فتح ۾ پاڪستان کي ملوث قرار ڏيڻ جي پروپگنڊا ڪئي پئي وڃي. ڀارت سان گڏ ايراني اخبارون ۽ ٽي وي چينل به پاڪستان خلاف بيانن کي نمايان هلائي رهيا آهن. ايراني ميڊيا ۾ پاڪستان ۽ فوج خلاف مسعود مليشيا جي بيانن کي نمايان ڪري رکيو ويو. جن ۾ چيو ويو ته پنج شير ۾ طالبان نه پر پاڪستاني فوج وڙهي آهي. هوڏانهن ڀارتي ٽي وي ريپبلڪ پنج شير ۾ پاڪستاني جهاز ڪرڻ جي ترديد ڪندي خبر جي وضاحت هلائي هئي. پر ان باوجود ايراني ميڊيا اڃا تائين پاڪستان خلاف پرچار ۾ لڳل آهن، ايراني ميڊيا تي پنج شير جو بدلو وٺڻ جو به چيو ويو. هن صورتحال ۾ تجزئي نگار پاڪستان ۽ ايران ۾ رابطي کي ضروري ۽ اهم قرار ڏئي رهيا آهن. 03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.