نئين افغان حڪومت، ملاحسن عبوري وزيراعظم، پاڪستان مداخلت نه پيو ڪري: طالبان

ڪابل(م ڊ)طالبان افغانستان جي نئين نگران حڪومت جي شروعاتي ميمبرن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.نئين ڪابينا ۾ عورتن جي معاملن واري وزارت ئي شامل ناهي، ان کان علاوه ڪابينا ۾ ڪنهن به عورت وزير کي شامل ناهي ڪيو ويو،  طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد موجب محمد حسن اخوند نگران وزيراعظم هوندو.ذبيح الله مجاهد ٻڌايو ته طالبان جي اڳوڻي باني امير ملا عمر جو پٽ   ۽ فوجي آپريشن جو سربراهه ملا محمد يعقوب مجاهد، نگران بچاءُ وارو وزير مقرر ڪيو ويو آهي.هن چيو ته سراج الدين حقاني گهرو وزير ،ملا هدايت الله بدري ناڻي وارو وزير ، شيخ الله منير تعليم جو وزير هوندو، مولوي امير خان متقي پرڏيهي وزير ۽ سندس نائب شير محمد عباس سٽانڪزئي کي مقرر ڪيو ويندو.ذبيح الله مجاهد چيو ته خليل الرحمان حقاني پناهگيرن جو وزير هوندو جڏهن ته قاري فصيح الدين آرمي چيف هوندو،خيرالله خيرخواه اطلاعات ۽ ثقافت جو وزير ۽ ذبيح الله مجاهد نائب وزيراطلاعات مقرر ڪيا ويا آهن، هن چيو ته افغانستان ۾ پاڪستان مداخلت نه پيو ڪري ،اهڙا ڪي به ثبوت ناهن مليا ته پنجشير ۾ پاڪستان مدد ڪئي هجي، اها رڳو پروپيگنڊا آهي ان کي رد ڪريون ٿا، هن چيو ته پاڪستان سان اسان جو ڪو ڏيڻ وٺڻ ناهي، اسان کي ڪنهن ملڪ مان ڪنهن به قسم جي امداد نه پئي ملي، هن چيو ته جيڪي مظاهرا ٿي رهيا آهن انهن جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي، پنج شير ۾ جنگ نه امن آهي، اڳواڻ ٻاهرين ملڪ وڃي چڪا آهن، هن چيو ته جيڪي مظاهرا ٿي رهيا آهن انهن پٺيان موجود ماڻهو ملڪ کان ٻاهر آهن، مظاهرن تي پابندي آهي، جيستائين ڪو نظام ٺهي، حڪومت جي اعلان بعد امارت اسلاميه افغانستان جي مشن جي باري ۾ تفصيلي بيان جاري ڪيو ويو آهي ته اهي ملڪ کي جلد کان جلد ترقي جي راهه تي وجهڻ چاهين ٿا، ملڪ کي سمورن ڪاروباري ماڻهن، سرمائيدارن ۽ سمجهدار افغانين جي ضرورت آهي، جيڪي ملڪ کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ مدد ڪري سگهن ٿا، اسان ميڊيا جي آزادي، ان جي فنڪشن ۽ ان جي معيار جي بهتري لاءِ ڪم ڪنداسين، نشريات ۾ اسلامي اصولن، قومي مفاد ۽ غيرجانبداري جو خيال رکيو وڃي، بيان ۾ چيو ويو ته افغانستان جي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي سلامتي خلاف استعمال نه ٿيندي، ڪنهن کي به ڳڻتي نه ڪرڻ گهرجي، هوڏانهن طالبان جي سياسي آفيس جي ترجمان سهيل شاهين چيو ته افغانستان جي نئين سر تعمير ۾ آمريڪا جي امڪاني ڪردار جي آجيان ڪنداسين، سوشل ميڊيا تي پابنديون لڳائڻ جو ارادو ناهي، تنقيد لاءِ تيار آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.