انٽرنيٽ جو وڏو مسئلو حل، پاڪستان ۾ هر هنڌ 5 جي هوندي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گذريل ٽن سالن ۾ هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر غير ملڪي سڌي ريت سيڙپڪاري  ڪرڻ کانپوءِ ٽيلي ڪام انڊسٽري جي مارڪيٽ ۾ حجم وڌائي 16 ارب 90 ڪروڙ ڊالر ٿي ويو آهي.

ان حوالي سان هاڻي اطلاعات واري وزارت ۽ ٽيلي ڪام 2023 ۾ 5 جي متعارف ڪرائڻ جو ارادو رکن ٿيون.

وزيراعظم عمران خان کي ان شعبي جي ڪارڪردگي تي تازو ڏنل پريزنٽيشن ۾ وزارت سڄي ملڪ ۾ ڊجيٽلائيزيشن جي مستقبل جون ضرورتون، 5 جي جهڙي مستقبل جي ٽيڪنيڪي ضرورتون متعارف ڪرائڻ کانسواءِ يونيورسل سروس فنڊ(يو ايس ايف) ذريعي ملڪ جي ڏورانهين ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ به ٽيلي ڪام جي خدمتن ۽ انٽرنيٽ جي واڌاري لاءِ ”ڊيپ فائبرائزيشن“ جي شروع ڪيل منصوبن تي به روشني وڌي وئي.

سال 22-2018 دوران سڄي ملڪ ۾ 10 هزار ڪلوميٽرن کان مٿي آپٽيڪل فائبر ڪيبل وڇائي ويندي جيڪا هڪ هزار 175 علائقن ۽ يونين ڪائونسلز کي تيز رفتار انٽرنيٽ فرام ڪندي.

وزارت چيو ته يو ايس ايف منصوبن تحت بلوچستان ۾ شاهراهن ۽ موٽرويز سميت 1800 ڪلوميٽر کان مٿي غير محفوظ رستن جي نيٽ ورڪ جي ماپ طئي ڪئي آهي.

ڊيپ فائبرائيزيشن منصوبي جي اهميت تي تبصرو ڪندي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزير سيد امين الحق چيو ته چيو ته حڪومت 23-2022 جي آخري تائين آءِ ٽي سروسز جي برآمدن کي 5 بلين ڊالر تائين وڌائڻ لاءِ وڏي سيڙپڪاري ڪري رهي آهي.

هن چيو ته اسان ننڍن شهرن جي ماڻهن کي سستي ۽ تيز رفتار انٽرنيٽ جي فراهمي يقيني بڻائينداسين ۽ مونکي يقين آهي ته ڪي پي ۽ گلگت بلتستان جون ڇوڪريون به پنهنجي مقامي علائقن مان فري لانسر طور ڪم ڪري سگهنديون.

سال 21-2020 ۾ آءِ ٽي سروسز جي ملڪي برآمدون 47 سيڪڙو کان وڌي 2 ارب 10 ڪروڙ ڊالر ٿي ويون آهن.

رپورٽ ۾ اها نشاندهي ڪئي وئي ته يو ايس ايف پٺ تي پيل علائقن ۾ 29 ارب رپين جي 43 منصوبن جو معاهدو ڪري مستقبل ۾ ڊجيٽل ترقي جي لاءِ ٽيلي ڪام انفرا اسٽرڪچر ڊيولپمينٽ ۾ وڏي پيماني تي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.