حيدرآباد ۾ گهرڀاتين تي تشدد، احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي علائقي گائوشالا جي رهواسڻ حميرا ڌي نثار احمد پنهنجي ماء شڪيلا ۽ ٻين گهرڀاتين سان گڏ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هينو آھي ته سندس چاچا رياض، اعجاز، عدنان پنهنجي پٽن جي مدد سان سندن جي گهر ۾ زبردستي گهڙي تشدد بعد گهر جي هيٺي حصي مان کين بي دخل ڪري ان تي قبضو ڪري ورتو آھي. هن چيو ته سندس والد فوت ٿي چڪو آھي، چاچا گهر تي ناجائز قبضي خاطر جان جا دشمن ٿي ويا آھن. هن چيو ته ڄاڻايل گهر سندس والد جي مڪليت آهي، جيڪو پنهنجي حال حيات دوران گهر سندس ماءُ شڪيلا جي نالي ڪري ويو، جنهن ۾ چاچن جو ڪوبه حصو پتي نه آھي. هن چيو ته حد جي ٿاڻي سخي پير جي پوليس ڳري رشوت  وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي لاء تيار نه آھي۔ هنن آء جي سنڌ پوليس۔ ايس ايس پي حيدرآباد کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي۔17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.