سنگرار واسي مغوي ٻارڙي نه موٽي، ڪشمور ۾ ريلي

ڪشمور( ڊر )ڪشمور ۾ سنگرار واسڻ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ھندو پنچائت ۽ سياسي سماجي تنظيمن طرفان ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ ھندو پنچائت جي مکي اندر لعل ، راڪيش مڪريجا ،گنيش ڪمار شھري اتحاد جي افق بشير چنا ۽ مختلف تعليمي ادارن جي شاگردن پريا ڪماري جي  بازيابي جو مطالبو ڪيو ان موقعي ته سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 10 محرم الحرام جي ڏهاڙي تي نامعلوم اغوا ڪارن سبيل ھلائيندڙ پريا ڪماري کي اغوا ڪري ويا آهن پوليس نينگري کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي اڳواڻن آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي وارثن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.