سنڌ جي آدم شماري بنا مڪاني چونڊن کان معذرت، جيڪو فيصلو ٿيو، سڀني صوبن تي لاڳو هوندو:اليڪشن ڪميشن

ڪراچي (رپورٽر) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سنڌ ۾ مڪاني چونڊن بابت ٻڌڻي مڪمل ڪندي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.  سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي ٿي، چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ظفر اقبال چيو ته لڳي ٿو صوبائي حڪومت ايندڙ 18 مهينن تائين چونڊون ڪرائڻ نٿي چاهي، صوبائي حڪومت کي حڪم ڏنو وڃي ته اسان کي نقشا ۽ ڊيٽا ڏني وڃي ته جيئن اليڪشن ڪميشن تڪبندي ڪرائي چونڊون ڪرائي. ان تي ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت کي مڪاني حڪومتن جي چونڊن کان انڪار ناهي، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن چئي ٿي ته ڪرائي ٿا ڇڏيون، اليڪشن ڪميشن پارليامينٽ کي چئي ته گڏيل اجلاس گهرائي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ناقص مردم شماري جي حوالي سان اپيل جو فيصلو ڪري. هن چيو ته جيڪڏهن ناقص مردم شماري تي چونڊون ڪرايون وڃن ۽ پوءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس فيصلو ڪري ته مردم شماري جا نتيجا درست ناهن پوءِ ڇا ٿيندو؟ پارليامينٽ ان فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي سگهي ٿي. مرتضيٰ وهاب جي وضاحت تي ڊي جي لا محمد ارشد چيو ته اليڪشن ڪميشن آدم شماري جي حوالي سان سنڌ حڪومت جي گڏيل مفادن جي ڪائونسل ۾ اپيل تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جو انتظار نٿي ڪري سگهي. ان تي مرتضيٰ وهاب چيو ته اليڪشن ڪميشن جو حڪم اچي ويو ته عمل جا پابند آهيون، اسان ٽائم لائن ڏئي رهيا آهيون، سنڌ حڪومت ڀڄي نه پئي، ڇو ته اسان چونڊون ڪرائڻ چاهيون ٿا. ٻڌڻي دوران چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اليڪشن ڪميشن جو جيڪو فيصلو ٿيندو، اهو سڀني صوبن تي لاڳو هوندو. پوءِ اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان فيصلو محفوظ ڪري ورتو. 03

ميمبرن سان گڏ اليڪشن ڪميشن به اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي هڪ ڀيرو ٻيهر خدشا ڏيکاري ڇڏيا

اسلام آباد ( م ڊ) پارلياماني ڪميٽي سان گڏ اليڪشن ڪميشن به اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي هڪ ڀيرو ٻيهر خدشا ڏيکاري ڇڏيا آهن. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وزارت پارلياماني معاملن جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن جي ڊي جي آءِ ٽي مشين جي بٽڻ جي حفاظت تي خدشا ڏيکاري ڇڏيا. ڊي جي آءِ  ٽي چيو ته  ڪو به گليو وجهي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي بٽڻ کي غير فعال ڪري سگهي ٿو. پ پ سينيٽر فاروق ايڇ نائڪ چيو ته ڪوڙو ووٽ وجهندڙ کي مشين ڪيئن روڪيندي، جرمني ۽ برطانيا به مشين جو استعمال روڪي ڇڏيو آهي. سائنس ٽيڪنالاجي جي وزير شبلي فراز چيو ته  تڪراري چونڊن کان بچڻ جو واحد رستو اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو استعمال ئي آهي پ پ جي مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته پارلياماني ڪميٽي کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وزارت جي بريفنگ ۾ اليڪشن ڪميشن به ووٽنگ مشين تي خدشا ڏيکاريا آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.