سوئي گئس جا برطرف ملازم سراپا احتجاج بڻيل

ڪراچي/سکر/حيدرآباد(نمائندا) سئي سدرن گئس ڪمپني مان عدالتي حڪم تي برطرف ٿيل ملازمن پاران نوڪرين تي بحالي لاءِ ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون دلشاد پيرزادو، بادشاهه جاگيراڻي، رفيق عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي  ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ملازمن سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ملازمن فرحان شيخ ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عدالتي حڪم تي سئي سدرن گئس ڪمپني کين نوڪرين مان نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي، هنن چيو ته هزارين ملازم بيروزگار ٿيڻ سان لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، هنن چيو ته ملڪ جا 16 هزار کان وڌيڪ ملازم سراپا احتجاج بڻيل آهن، اسان پنهنجي حق ۽ انصاف لاءِ روڊ تي رڙيون ڪري رهيا آهيون پر ڪوبه دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، لاڙڪاڻي ۾ سوئي سدرن گيس ڪمپني جي برطرف ملازمن ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ستين ڏينهن به پنهنجي بحالي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي جتي هنن هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي، ان موقعي تي برطرف ملازمن شاهد حسين ڇڄڙو، عبدالرحيم سومرو، حاجي جاويد عباسي، غلام عباس بلوچ، حسين بخش بلوچ، اظهر علي گوپانگ، رفيق شيخ، امير احمد ابڙو، اقبال احمد منگي، رياض جمالي، عبدالفتاح ميراڻي ۽ ٻين چيو ته سوئي سدرن گيس ڪمپني سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آڙ ۾ 16 هزار ملازمن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.