ڪورنگي ۾ پوليس هٿان ماريل نوجوان جي وارثن کي انصاف نه مليو

ڪورنگي(رپورٽر ) ڪورنگي جي مهراڻ ٽائون ۾ پوليس گردي ذريعي بي گناهه قتل ڪيل نوجوان شهزاد چانڊيو جي خون سان انصاف ۽ قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري خلاف سياسي سماجي تنظيمن پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،ان موقعي تي  احمد چانڊيو، ارشد چانڊيو، حبيب چانڊيو ۽ ٻين چيو ته شهزاد جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي هن وقت تائين گرفتار ناهي ڪيو ويو،جيستائين شهزاد جي قاتلن کي گرفتار ڪري سزا نه ڏني ويندي سڄي سنڌ ۾ احتجاج جاري رهندا، هنن چيو ته ايس پي لانڍي شاهنواز چاچڙ پهچي انصاف جي خاطري ڪرائي  48 ڪلاڪن اندر انڪوائري ڪري قاتل پوليس اهلڪارن کي سزا ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي هئي پر پوليس پنهنجي پٽي ڀائين کي بچائڻ لاءِ حربا استعمال ڪري رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.